عورتن کي مرد اداڪارن کان گهٽ معاوضو ملندو آهي: آشنا شاهه

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره آشنا شاهه شوبز انڊسٽري ۾ غير منصفاڻي رويي تي ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان جي انڊسٽري ۾ اداڪارائن کي اداڪارن جي مقابلي ۾ گهٽ معاوضو ملندو آهي جيڪو انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ آهي.  ميڊيا رپورٽ موجب آشنا شاهه تازو ئي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ هيرو گهٽ آهن ڇو ته هن فيلڊ ۾ ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪريون وڌيڪ اينديون آهن. حالانڪه مرد اداڪارن جو ڪم اداڪارائن کان گهٽ ٿيندو آهي.  اداڪاره چيو ته ڊرامي جي ڪهاڻي ئي دراصل عورت جي چوڌاري گهمندي آهي پر ان جي باوجود مرد اداڪارن کي اداڪارائن کان وڌيڪ معاوضو  ڏنو ويندو آهي. آشنا شاهه چيو ته اداڪارائون سيٽ تي جلدي اينديون آهن، وڌيڪ محنت ڪنديون آهن. ڊرامن ۾ سڀني کان وڌيڪ روئينديون آهن ۽ اهو آسان نه هوندو آهي.  آشنا شاهه اداڪاري سان گڏوگڏ سماجي ناانصافين سميت ٻين مسئلن تي به آواز اٿاريندي نظر ايندي آهي ڪراچي جي ڊاڪٽر ماها علي جي آپگهات جي معاملي تي به اداڪاره ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان جي آپگهات جي پٺيان لڪيل حقيقتون سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪيو هو.

Read Previous

طيب اردوان آذربائيجان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

انساني روپ ۽ زندگي غلام مصطفي جمالي

Most Popular