طيب اردوان آذربائيجان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

انقره: ترڪ صدر رجب طيب اردوان آرمينيا سان گڏ جاري ڇڪتاڻ ۾ آذربائيجان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ترڪ صدر ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ ۾ آذربائيجان جي مڪمل  حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دنيا کي سفاڪي ۽ جارحيت جو نشانو بنائيندڙ آذربائيجان سان گڏ  بيهڻ گهرجي. ترڪ خبرون ڏيندڙ اداري موجب صدر اردوان باگو ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان فون تي ڳالهيون ڪندي کيس مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻنهي ملڪن جي بچاءُ واري وزيرن وچ ۾ به رابطا ٿيا جنهن ۾ ترڪ بچاءُ واري وزير آذربائيجان جي سالميت جي تحفظ جي لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.  ٻئي طرف ايران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ڳالهين جي لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين کي ويڙهه کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.  واضح رهي ته آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ   ۾ جهيڙو تڪراري علائقي نگورنو ڪالاباخ ۾ ٿي رهيو آهي. جيڪو آزاد جمهوري ملڪ آهي ۽ باضابطه طور تي آذربائيجان جو علائقو آهي پر آرمينيا  ۽ ٻيون عالمي طاقتون ان کي  نه مڃينديون آهن. رپورٽن موجب ٻنهي ملڪ وچ ۾ چڪرين دوران 23 ڄڻا مارجي چڪا آهن.

Read Previous

مني لانڊرنگ ڪيس: عبوري ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ نيب شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو

Read Next

عورتن کي مرد اداڪارن کان گهٽ معاوضو ملندو آهي: آشنا شاهه

Most Popular