ڪراچي جي منگهوپير ۾ سنڌ بروهي اتحاد جو ڪنوينشن،عالم بروهي،شاهده رهماني خطاب ڪيو

ڪورنگي   :  ڪراچي ۾ آل سنڌ بروهي اتحاد جو ساليانو ڪنوينشن منگهو پير جي ونگي ڳوٺ ۾ رئيس سليم بروهي پاران ڪوٺايو ويو جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻي سفير ۽ سنڌ بروهي اتحاد جي مرڪزي صدر عالم بروهي .پ پ ايم اين اي شاهده رحماني. فيض بروهي. مير مظفر بروهي. محمد علي بروهي صدر ڪراچي ڊويزن .شاهنواز بروهي. مير صمد بروهي .وحيد چاڪر بروهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي لائبريرين ۾ نوان نصاب رکيا وڃن ته جيئن نئون نسل تعليم جي ويجهو اچي سگهي. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته اهي قومون ترقي جي گولي تي هونديون آهن جن جي تعليم کي اجاگر ڪيو ويندو پر افسوس  جاگيردري سسٽم اسان جي قوم کي جهالت ڏانهن ڌڪي رهيو اهي قوم غفلت ڇڏي پنهنجي اولاد جي تعليم تي ڌيان ڏي اڳواڻي سفير ۽ سنڌ بروهي اتحاد جي مرڪزي صدر عالم بروهي واضع ڪندي چيو ته سنڌ بروهي اتحاد ٺاهڻ جو مقصد نوجوان نسل کي تعليم جي آگاهي ڏيڻ آهي مقررن جو چوڻ هو ته ڪراچي جي قديم وسندين سان ماٽيلي ماء جهڙو ورتا ڪيو پيو جتي تعليم صحت سميت رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن هنن گهر ڪئي ته انهن کي سمورا بنيادي حق ڏنا وڃن .

Read Previous

گهوٽڪي ضلعي ۾ 7 مهينا اسڪول بند هجڻ ڪري اسڪولن جو عمارتون ناڪارا بڻجي ويون

Read Next

پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڏوڪري ايم ايس چانڊڪا خلاف احتجاج

Most Popular