علي ظفر جي درخواست تي ميشا شفيع سميت نو ڄڻن خلاف ڪيس داخل

لاهور: :  فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي خلاف سوشل ميڊيا تي سندس خلاف هلندڙ نفرت واري مهم ۽   ڪردار ڪشي ڪرڻ تي ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت 9 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتو اهي.  ايف آءِ اي جي خاص عدالت جي حڪم تي جوابدارن جي خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ گلوڪاره ۽ اداڪاره ميشا شفيع، ماڊل ۽ ميزبان عفت عمر، لينا غني، فريحه ايوب، ماهم جاويد، علي گل پير، حسيم زمان خان، حمنه رضا ۽ سيد فيضان رضا کي نامزد ڪيو ويو آهي.  ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ 2 سالن جي جاچ کان پوءِ جوابدارن جي خلاف ايف آءِ آر ڪٽي ورتي آهي. ايف آءِ اي طرفان ان جوابدارن کي بچاءُ لاءِ 3 کان وڌيڪ موقعا ڏنا ويا پر جوابدار پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا جنهن کان پوءِ هاڻ هنن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. 

Read Previous

آذربائيجان ۾ چڪرين دوران ٽيهه آرمينيائي ويڙهاڪ مارجي ويا، سلامتي ڪائونسل اجلاس طلب ڪري ورتو

Read Next

نيب جي هٿان ڇاپا لڳرايا پيا وڃن: اڳواڻ

Most Popular