ڪو ته اھڙو ھجي… منھنجي شڪارپور دل ۾ ڪندئي گھر…


محمد فاروق ٻرڙو
اڄ کان تقريباً پنجاھ سال پھريان شڪارپور ۾ شاليمار باغ، مجيب محبوب باغ، وڪيل باغ، ۽ شاھي باغ سميت انبن جي وڻن کي پاڻيءَ جي جڳھ تي کير ڏنو ويندو هو، ۽ شڪارپور جي چئن طرفن رابيل ء گلاب جي گلن جي خوشبوءِ ايندي ھئي، ۽ ان وقت شڪارپور جي خوبصورتي ۽ صفائي روڊن رستن ۽ گھٽين جو تمام گھڻو خيال رکيو ويندو هو، ھاڻي شڪارپور ميونسپل جي نااهلي سبب گندگي جو ڍير ۽ انتظاميہ جي لاپرواهيءَ سان چوريون ڦريون وڌي وڃڻ ڪري شھري تنگ اچي گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ھن شڪارپور جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اھا آھي جو ھتي ھر معاملي کي سياسي اشو بڻايو ويندو آهي، اشوز جي سياست واري رواج سان عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن رھجي وڃن ٿا،
شڪارپور شھر جي تاريخ ڪنھن کان ڳجھي ڪا نہ آهي ھن شھر ڪيترن کي ناموس مان ۽ مرتبو ڏنو پر انھن مان اڪثريت ھن شھر کي پنهنجو نہ ڪيو نافرماني جي انتھا ڪندي شھر جي دولت کي بي درديءَ سان لٽي صرف پنھنجا اڪائونٽ ڀري موج مستيون ڪيون ڪيترن چيئرمينن ناظمن ھن شھر کي پنھنجو نہ ڪيو، ڪيترن جون شڪليون ڦري ويون ڪيترائي وڏين بيمارين جي ور چڙهي ويا شھر جي روڊن رستن تي ته گھمن ڦرن ٿا پر ماڻهن کان نظرون چرائي ايئن نظرون جھڪائي ھلن ٿا ڄڻ ھنن کي ڪو ڏسندو ئي نه ھجي، ڪو بہ شھري سٺن لفظن سان ياد ڪو نہ ٿو ڪري بلڪي انھن لٽيرن کي نفرت سان ڏسن ٿا، 56 ڇاونجاھ سال يعني اڌ صديءَ کان وڌيڪَ شھر تي (سومرو خاندان) جي حاڪميت رهي سواءِ شھيد الله بخش سومرو جي باقين ھن شھر سان سٺو برتاءُ نہ ڪيو، نتيجي ۾ شھر بہ منھن موڙي نافرمان اولاد جو ٺپو هڻي ڇڏيو، 31 ايڪٽيھ سالن جي وقفي کانپوءِ ساڳي گھراڻي جي ننڍي ۾ ننڍي فرد علمي ذھني اوسر جي مالڪ (عقيل عباس سومرو) کي ھڪڙي سياسي راند جي ذريعي چيئرمين شپ جي منصب تي ويھاريو ويو، 10 ڏھن مھينن جي مختصر عرصي ۾ (عقيل عباس سومرو) شھر جا وھندڙ ڳوڙها اگھيا، گٽرن جي پاڻيءَ ۾ جھاڳيندڙ شھرين کي نجات ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ميونسپل ڪميٽي مان سياسي ڀتا خوري بند ڪري شھر جو لٽجندڙ پئسو بچائي شھر جي صفائي تي لڳايو، (شڪارپور جي شھرين (33) ٽيٽيھن سالن کان پوءِ سک جو ساھ کنيو) شھري صفائي جي پرچار ڪندي (عقيل عباس سومرو) کي ھٿ کڻي دعائون ڏيڻ لڳا،جن ڪردارن جا ڀتا بند ٿيا اھي سوشل ميڊيا تي واويلا ڪري رهيا آهن تہ (عقيل عباس سومرو) اداڪاري ڪري رهيو آهي ڪم نہ پيو ڪري اھڙن کي جواب ڏيڻ لاءِ شھري انھن منحوس ڪردارن جو منھن پٽي (عقيل عباس سومرو) کي سلام پيش ڪن ٿا، عقيل عباس سومرو شھر جي سچي فرزند ھئڻ جو ثبوت ڏنو آهي ڪروناوائرس جي بچاءُ لاءِ شھر ۾ اسپري سان گڏ صفائي ۾ ڪا ڪثر نہ ڇڏي، غريبن تائين راشن پھچايو (عقيل عباس سومرو) جي خدمتن کي شھري ڪڏهن بہ وساري نه سگھندا (عقيل عباس سومرو) شھر جي خدمت عيوض تاريخ جي سونھري ورقن ۾ پنھنجو نالو لکرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي..

Read Previous

نصير آباد: ڏيرا پرائمري اسڪول زبون حال جو شڪار. تعليم متاثر

Read Next

پاڪستان خلاف ڪير بھ ڳالھيندو ان کي برداشت نھ ڪيو ويندو: حنيد لاکاڻي

Most Popular