نصير آباد: ڏيرا پرائمري اسڪول زبون حال جو شڪار. تعليم متاثر

نصيرآباد: يوسي ڏيرا جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول دوست محمد جلباڻي جي عمارت زبون حال چاپڙ ڪرڻ سبب ٻارڙن ۾ خوف, گلن جهڙا معصوم ٻارڙا اوطاق ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور.تفصيل موجب؛يوسي ڏيرا جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول دوست محمد جلباڻي جي عمارت مڪمل طور زبون حال بڻجي وئي، چاپڙ ڪرڻ سبب ٻارڙن ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل گلن جهڙا معصوم ٻارڙا نجي اوطاق ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ڪجھ وقت اڳ ڪلاس هلڻ دوران ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب چار ٻار زخمي ٿيا هئا.ڳوٺاڻا مختلف وقتن تي احتجاج پڻ ڪارڊ ڪرائيندا رهيا آهن.ڳوٺاڻن احمد علي، منظور علي، ۽ باغ علي جلباڻي دانهيندي چيو ته, اسان تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت ڊي سي کي لکت ۾ درخواستون ڏئي چڪا آهيون 2 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڪوبه جوڳو جواب نه ملي سگهيو آهي. ڳوٺاڻن وزيراعليٰ سنڌ ۽ تعليم جي وزير کان گهر آهي ته اسڪول جي نئين بلڊنگ ڏئي اسان جي معصوم ٻارن جو مسقبل سنواريو وڃي..

Read Previous

ڪرپشن ڪندڙن مٿان شفقت جو هٿ آخر ڇو..؟

Read Next

ڪو ته اھڙو ھجي… منھنجي شڪارپور دل ۾ ڪندئي گھر…

Most Popular