اوٻاوڙو : ڊرنگ چاچڙ ۾ استادن جو اسڪول جي چوڪيدار خلاف احتجاج

اوٻاوڙو (رپورٽ ) محمد بچل گهنڃو اوٻاوڙو لڳ ڊرنگ چاچڙ ۾ استادن جو اسڪول جي چوڪيدار خلاف احتجاج چوڪيدار مٿان اسڪول کان چوري ڪرائڻ جو الزام. گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجی محمد سچل خان جي هيڊ ماستر اياز علي پٺاڻ اسڪول جي مقرر چوڪيدار زبير احمد پٺاڻ خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته  ااسڪول جو مقرر چوڪيدار زبير پٺاڻ چوڪيدار هوندي عمارت جو سامان چوري هٿ سان ڪرائي ٿو چوڪيدار کي اهڙي عمل کان روڪڻ تي اسڪول ٽائيم اچي گار گند ڪري موت مار ڌمڪيون ڏئي ٿو چوڪيدار جي اهڙي عمل جي ڪري اسڪول جي معصوم ٻارڙن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي اسان اهڙي شڪايت ٽي او توڙي ڊي او تعليم کي ڪرڻ باوجود ڪو به کڙتيل نه ڪڍي سگهيا آهن هيڊ ماستر اياز پٺاڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اگر ڪجهه ڏينهن اهيو چوڪيدار رهيو ته ٻار اسڪول اچڻ ڇڏي ڏيندا ۽ عمارت جو مڪمل سامان چوڪيدار چوري ڪرائي ڇڏيندو هيڊ ماستر وزير تعليم وس وارن کان مطالبو ڪيو ته چور بداخلاق چوڪيدار کي هٽائي ڪو ٻيو چوڪيدار مقرر ڪيو وڃي. تفصيل موجب رانوتي لڳ ڊرنگ چاچڙ ۾ اسڪول جو چوڪيدار استادن ۽ شاگردن لاءِ عذاب بڻجي ويو. چوڪيدار پاران تعليمي درسگاهه اسڪول مان هٿ سان چوري ڪرائڻ معمول بڻائي ڇڏڻ خلاف گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد سچل جي هيڊ ماستر اياز پٺاڻ احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته چوڪيدار زبير احمد پٺاڻ اسڪول جو ڪيترئي سامان چوري ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ اسڪول ۾ لڳل پاڻي واري ٽينڪي موٽر پنج کان وڌيڪ ڪرسيون چورائي ويو آهي پڇاڻي تي چوڪيدار زبير مون مٿان ڏمرجي مونکي گارگند ڪرڻ توڙي شاگردن جي سامهون موتمار ڌمڪيون ڏيڻ هن روز جو معمول بڻائي ڇڏيو آهي چوڪيدار جي اهڙي عمل جي ڪري معصوم شاگردن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي هيڊ ماستر وزير تعليم سنڌ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته چور بداخلاق چوڪيدار زبير پٺاڻ کي هٽائي استادن ۽ شاگردن مان بي چيني ختم ڪرائي وڃي

Read Previous

ٺري ميرواهه: تارڪو جي رهواسڻ نياڻي ۽ سندس ماءُ سان گڏ بااثر خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

مسيحي برادري پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular