مسيحي برادري پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي

سانگھڙ (رپورٽ نديم خاصخيلي( جي يونين ڪائونسل صدرٺ ۾ چرچ کي ڏنل زمين غير قانوني طريقي سان غير واسطيدار ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ خلاف مسيحي برادري پاران ڊپٽي ڪم شنر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين مبين پٺاڻ ارتهر مسعيي  ۽ ٻين  دانھيندي چيو ته اسان جي مسيحي برادري لاءِ 564 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي جنھن ۾ پنج بلاڪ چرچ لاءِ ۽ باقي زمين غريب عيسائي گھراڻن کي قسطن تي ڏني وئي ھئي جنھن مان گھڻن ماڻهن قسطون جمع ڪرايون ۽ ڪجھ  ماڻھو قسطون جمع نہ ڪرائي سگھيا پر اھا زمين چرچ جي ھوندي بہ مختيارڪار سانگهڙ رشيد احمد ڪاڪا بااثرن جي ملي ڀڳت ڪري ماڻھن کي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي الاٽ ڪئي آهي جنھن ڪري اسين احتجاج تي مجبور ٿيا آھيون ھنن مطالبو ڪندي چيو ته مسيحي برادري جي زمين تي جاري ڪيل ڪوڙي الاٽمينٽ رد ڪري عيسائي برادري حوالي ڪئي وڃي ۽ غريب عيسائي گھراڻن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي.

Read Previous

اوٻاوڙو : ڊرنگ چاچڙ ۾ استادن جو اسڪول جي چوڪيدار خلاف احتجاج

Read Next

پاڪستان ڪشمير مسئلي لاءِ ڇا سوچيو آهي..؟؟غلام مصطفي جمالي

Most Popular