منھنجي بابا علي محمد شر جي تڌارڪ ڪئي وڃي!

بڙ جي گهاٽي وڻ ھيٺان بيٺل ھڪ ننڍڙي بڙ جي وڻ پڇو ته بابا سج جي تپش ڇا ھوندي آھي؟ چيائين پٽڙا جڏھن منھنجا پير نڪري وڃن ۽ آئون وڃي زمين تي ھميشه لاءِ پئي رھان ته پوءِ جڏھن توکي پنھنجي ننڍڙن ننڍڙن لامن مٿان باه جيئان جيڪا تيز تپش لڳي ته سمجھي ڇڏجانءِ ته اھا سج جي تپش اٿي.
پيءُ ۽ ماءُ جو دنيا جو اھو رشتو ھوندو آھي جيڪو پنھنجي اولاد لاءِ بنا ڪي منافعي ۽ لالچ جي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪريو ڇڏين.
ممتاز لاشاري کان ھڪ انٽرويوءَ دوران پڇو ويو ته اوھان ڳائڻ ڇو ڇڏيو؟ ان ممتاز لاشاريءَ نھايت خوبصورت جواب ڏنو ته ھاڻي منھنجي امان وڌيڪ ناھي جيڪي منھنجي لاءِ گھرندو ھئي، منھنجي ان دعائن جو در بند ھجڻ ڪري مون راڳ ڳائڻ تان ھٿ کنيو آهي.
ھا ھا مان اڃا ڪھڙن لفظن سان پنھنجي بابا سائينءَ علي محمد کي ڀيٽا ڏيان سو منھنجي عقل ۾ ايترو علم ئي ناھي. منھنجو بابا علي محمد ۱۹۸۸ع جي ڏاھاڪي ۾ سنڌ پوليس جي محڪمي ۾ ڀرتي ٿيو جنھن جي بابا سائينءَ سعيد آباد ۾ ٽريننگ ڪري بعد ۾ پندرهن سال ڪراچيءَ ۾ پنھنجي فرض کي سرانجام ڏنين. اھڙي ته بھادري سان نوڪريءَ ڪيائين جو پاڻ ڪيترائي انعام به وٺي چڪو آهي. اھو ئي منھنجو بابا سائينءَ ايترو جلدي ڪمزور ٿي ويندو شايد ئي ڪڏھن ڪو سوچو ھجي. اھو به ڪنھن سياڻين ڪيڏو نہ خوب چيو آهي تہ ”انسان کڙو تہ جبل کان بہ ڏاڍو آھي پر ڪرين تہ ڪپھه کان بہ نرم“. جڏهن مصيبتون ۽ آزمائشون انسان تي اچو وڃن ته جبل جيڏا انسان بہ سَر جي تيلي وانگر نمي پون.
ها!. ائين ڪجھه آزمائشون به منهنجي جبل جيڏي بابا سائين علي محمد بقا تي به اچي چڪيون آهن جنهن اڄ تائين ڪنھن جي اڳيان جھڪڻ ناھي سکيو ۽ نه وري ڪڏھن ڪنھن اڳيان جھڪيو ئي آهي پر ڇا ڪجي رب جي اڳيان تہ پٿرن جا پھاڙ بہ مٽي جي دوڙ جيتري ٿا حيثيت ٿا رکن پر منھنجي ابي جي ان اڳيان وري بہ ڇا مجال!
خير جيڪو به پر ڳالھ اصل اھا آھي تہ ڪجھه مهينو پهريان منهنجي بابا سائين جو ڪرونڊي ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ ٿيو جنهن ۾ منھنجي بابا سائين جي کاٻي ڄگھہ ٽٽي پئي. جنھن تي اسان بابا سائينءَ کي نواب شاھ پرائيوٽ اسپتال کڻائي وياسين جتي بابا سائين جي ڄگھہ جو آپريشن ٿيو. جنهن جو خرچ ٻه لکن جي لڳ ڀڳ ٿيو، جيڪو اسان پنھنجي مدد آھر پاڻ ادا ڪيوسون.
يقين ڪيو ساٿي ھڪ مھيني کان وٺي اڄ ڏينھن تائين بابا کٽ ڀيڙو آهي پر ڪنهن به سرڪاري عملدار ڪا سار نه لڌي آھي.
دوستو مان سمجھان ٿو ته مصيبتون ۽ آزمائشون هر انسان تي اينديون آهن پر ائين اسان جي بابا سائين جا ساٿي ڏکي وقت ۾ ساٿ ڇڏي ويندا مون ڪڏهن ائين سوچو به نه هو. برحال جيترا ڏک بيان ڪيا ايترا گھٽ آهن.
بس مان ايترو چوندس ته هينئر اسان جو بابا سائين بلڪل کٽ تي پيو آهي ان جي سار لهي وڃي منهنجي بابا سڄي عمر پوليس جي اداري ۾ رهي ڪري سچائيءَ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڪئي رشوتن جي بازار گرم ھوندي بہ ڪڏهن به ڪنهن کان ڪا رشوت يا ڀتو نه ورتائين پر اڃا انھن ناجائزن خلاف پنھنجي محقمي جي ماڻھن سان به وڙھيو. ايتري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جي باجود به بابا سائينءَ جي ڪنهن ڪا سار نه لڌي. وڏي افسوس سان اهو به چوڻ ٿو پوي ته ايس ايس پي (SSP)، ايس پي (SP) به بابا سائين علي محمد کي وساري ڇڏيو.
اسان ايس ايس پي خير پور، ڊي آء جي سکر ۽ آء جي سنڌ کي ھٿ ٻڌي عرض و اپيل ٿا ڪريون ته بابا سائين جو ڪو تڌارڪ ڪيو وڃي جئين جلدي بابا سائينءَ ٺيڪ ٿي وڃي ۽ پنهنجي ڊيوٽي پوئين ڏينهن وانگر ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان سرانجام ڏي سگھي.

Read Previous

سنڌي ماروئڙين جي دانهن ڪير ٻڌندو !

Read Next

سھڻي ڀٽائي جي شاعري ڪربلا جي ياد ۾… ڪڄاڙو ڪهان تو کي معلوم سڀ ڪي