اسان جي تعلقہ ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن کي ڀي ھڪ نظر سان ڏسو

صوفي حاجن گل

سڀ کان پھرين اسان جي تعلقہ کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي جنهن ۾ اڄ تائين نہ لائبريري ملي آ نہ پارڪنگ ۽ ٺري ميرواھ جي آس پاس ۾ ڳوٺن کي ڀي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ڳوٺ حاجي ڄمون خان شر جيڪو شھر کان ٻہ ڪلو ميٽر تي آ جنهن جو روڊ ڀڳل ٽٽل آ جيڪو هن جديد دور ۾ ڀي گيس کان محروم آ تڪ جا چونڊل نمائيدا ووٽن مھل وڏي پراڊو ۾ اچي ووٽ وٽي ٿا وڃن پر ووٽ کان پوء اهي ساڳا ماڻھون اسان کي نظر انداز ٿا ڪن ڇو آخر ٺري ميرواه جي ويجھن ڳوٺن کي اهي شيون ڪير ڏيندو اگر تڪ جا چونڊيل نمائيندا نہ ڏيندا تہ ڳوٺ حاجي سليم جيڪو تقريبن 4 ڪلو ميٽر تي آ اهو ڀي سڀ شيء کان محروم.آ تعلقہ ٺري ميرواھ شھر جي سفائي ناهي ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين ڪريپٽ جيڪو ڀنگين جي ڀي پگهار کائي ٿو وڃي هتان جي عوام انھن لوٽن لٽيرن مان ڪڏھن پنهنجي جان چڏائيندي اسان جي تعلقہ ۾ چونڊل نمائيدا سڀ ڪريپٽ ھن انهن لاء نيب ڪاروائي ڇون ٿي ڪري ايم اين اي کان وٺي ايم پي اي ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين يوسي چيئرمين سڀ ڪريپٽ ھن خدارا هن شھر جي سار لھو اسان جي ڳوٺن کي گيس روڊ رستا تہ ڏيو جيڪو اسان جو بنيادي حق آھن اسان عالاعملدارن کي اپيل ٿا ڪيون ۽ نيب جي چيئرمين کي تہ ھنن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان جي شھر اسان جي ڳوٺن کي سھولتون ڏنيون وڃن نت ٻي صورت ۾ اسان روڊن تي اچي احتجاج ڪنداسين اسان جا ووٽ ڀي سڀ پيپلز پارٽي کي هوندا هن جيڪي اسان جي ووٽن تي ايوانن ۾ وڃي اسان کي ئي نظرانداز ٿا ڪن ڇو ڇا انهن کان ڪير ڀي پچڻ وارو ناهي بجلي 24 ڪلاڪن مان 3 ڪلاڪ ڏني ٿي وڃي ۽ ھر مھيني 5 ڏينهن کٽي ٿي وڃي وري رشوت ڏئي بجلي ٿا گهرايون ناري جي گيس پنجاپ تہ وڃي ٿي پر اسان کي نٿي ملي ڇو ؟

Read Previous

سھڻي ڀٽائي جي شاعري ڪربلا جي ياد ۾… ڪڄاڙو ڪهان تو کي معلوم سڀ ڪي

Read Next

بوزدار وڏا: سماجي اڳواڻ شهناز شيخ بااثر خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular