بوزدار وڏا: سماجي اڳواڻ شهناز شيخ بااثر خلاف احتجاج ڪندي

بوزدار وڏا(رپورٽ شفيق احمد بوزدار(  سنڌ جي مظلوم بي سھارا عورتن يتيمن ۽ مظلومن جي مالي مدد ۽ شادي جي انتظار ۾ ويٺل نياڻين کي پنھنجي جيب مان شادي جو  ڏاج وٺي ڏيندڙ ۽ مظلومن جو آواز سوشل ميڊيا ذريعي اعلي ايوانن تائين پھچائيندڙ سماجي اڳواڻ شھناز شيخ کي بااثر ماڻھن پاران ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف بوزدار وڏا جي سماجي اڳواڻن پاران مزمت ڊي آء جي سکر کان سماجي اڳواڻ شھناز شيخ کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو  تفصيل موجب سنڌ جي بي سھارا عورتن ۽ غريبن جي در در تي وڃي انھن کي سلائي مشينون راشن ۽ نياڻين جو ڏاج وٺي ڏيڻ سان گڏو گڏ سموري سنڌ جي غريب ماڻهن جو آواز سوشل ميڊيا ذريعي اعلي ايوانن تائين پھچائيندڙ سماجي اڳواڻ شھناز شيخ کي بااثر ماڻهن پاران ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف سوشل ميڊيا تي سڄي سنڌ جي ساڃاهه وندن جيان بوزدار وڏا جي به سماجي تنظيمن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن پاران سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي وئي آهي ۽ ڊي آء جي سکر کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي وئي آهي ته سندن تحفظ ڏنو وڃي

Read Previous

اسان جي تعلقہ ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن کي ڀي ھڪ نظر سان ڏسو

Read Next

جيڪب آباد : آزاد ميڊيا پريس ڪلب جي نئي ڪميٽي جوڙي وئي

Most Popular