پنجاب ۾ ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين ۾ واڌ اچڻ لڳي، سمارٽ لاڪ ڊائون جو امڪان

لاهورLڪورونا جي روڪٿام بابت پنجاب جي ڪابينا ڪاميٽي خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا ڪيسن ۽ فوتگين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.ڪورونا روڪٿام بابتڪابينا ڪاميٽي جو اجلاس پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ صحت جي وزير ياسمين راشد، ميان اسلم اقبال ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، ننڪانه صاحب ۽ گجرات هاءِ رسڪ ضلعا آهن، عوام جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ته متاثر علائقن ۾ ٻيهر سمارٽ لاڪ ڊائون ڪري سگهجي ٿو.ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اجتماعن ۽ شادي هالز ۾ ماسڪ توڙي سماجي فاصلي تي پابندي نظر نٿي اچي.

Read Previous

خانپور ۾ ٻارنهن سالن جو نينگر زيادتي بعد قتل

Read Next

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ حڪومت تي ڏنڊ رکي ڇڏيو

Most Popular