نوشهروفيروز: حضرت امام حسين عليه السلام چاليهو يا حسين جون صدائون

نوشهروفيروز: حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين جي لازوال قربانين کان پوءِ نوشهروفيروز ۾ سندن چاليهو عقيدت و احترام سان ملهايو ويو. نوشهروفيروز ضلعي جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن پاران ڪورونا جي وبا ڦهلجڻ ڪري ڪربلا معليٰ جي سفر عشق اربعين ۾ شامل نه ٿيڻ تي انجمن المنتظر المهدي ڳوٺ مٺا خان مري، انجمن العباس کاهي ممن، انجمن عاشقان امام مهدي عج، انجمن حسين زندهه باد کاهي راهو ۽ ٻين پاران سفر عشق اربعين ريليون ڪڍي يا حسين جي صدائن سان مختلف رستن کان ٿيندا امام بارگاهه نجف سنڌ نوشهروفيروز پهتا جتي هر سال جيان چاليهي جي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي جنهن کي ناميارن عالمن ۽ ذاڪرن پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته اربعين ريلي جي حوالي سان مختلف چوڪن ۽ چوراهن تي سبيلن، نياز لنگر جو وڏي تعداد ۾ بندوبست ڪيو ويو. جڏهن ته مرڪزي امام بارگاهه باب حيدر کان ماتمي جلوس ڪڍيو ويو جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو مارڪيٽ چوڪ پهتو جنهن ۾ مختلف انجمنن نوحه خواني ڪري سينه زني ڪئي ۽ آخر ۾ واپسي تي مرڪزي امام بارگاهه باب حيدر ۾ باهه تي ماتم پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي انتظاميه پاران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

Read Previous

مورو ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل، غريب عوام پريشان

Read Next

نوشهروفيروز: آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Most Popular