ڪشمور: چهلم امام حسين عليه السلام جو مرڪزي جلوس مختلف رستن کان ٿيندو اختتام پذير ٿيو

ڪشمور۔رپورٽ اعجاز احمد  ڪشمور ۾ چهلم امام حسين عليه السلام جو مرڪزي جلوس مختلف رستن کان ٿيندو اختتام پذير ٿيو۔ سڪيورٽي جا انتظام نهايت ئي سخت ڪيا ويا۔ پوليس ۽ رينجرز  جو گڏيل گشت  تفصيل موجب۔ ڪشمور ۾ شھداء ڪربلا جو چھلم  جو مرڪزي جلوس پير فتح شاه کان برآمد ٿيو۔ پسگردائي جا  ننڍا وڏا  ماتمي جٿا ڪشمور جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿيا۔  عذاداران امام حسين عليه السلام شھر جي مختلف رستن تي نوحه خواني، سينا ڪوبي ۽ زنجير زني ڪندا رهيا۔ جلوس خير اسلوبي سان پنهنجي منزل مقصود پير فتح شاه تي اختتام پذير ٿيو۔ مجلس عزا ۾ علماء و ذاڪرين فلسفه امام حسين عليه السلام بهترين انداز سان پيش ڪيو۔ سڄي رستي ۾  ٿڌي پاڻي ۽ شربتن جون سبيلون لڳايون ويون۔ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء پوليس ۽ رينجرز جا سوين جوان جلوس جي داخلي ۽ خارجي رستن تي مقرر هئا۔ هر ايندڙ ويندڙ ماڻھو جي سخت  چيڪنگ ڪئي وئي۔ جلوس جي اختتام کان پوء ننگر نياز ورهايو ويو۔

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ تنظيم اصلاح الفقراء حسيني نقشبندي جماعت اهلسنت پاران11 آڪٽوبر تي تحفظ ناموس رسالت ريلي ڪڍي ويندي

Read Next

قاضي احمد : ڳوٽ پير غلام محمد جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات سبحان پريس ڪلب پهچي ڪانفرنس ڪندي

Most Popular