ملڪ ۾ موجوده ڪرڪيٽ جو خدا ئي حافظ آهي: جاويد ميانداد

لاهور: اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ جيڪو به ڪجهه ڪري پيو صحيح يا غلط ان ۾ مداخلت نٿا ڪرڻ چاهيون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته 20 سال مون اهڙي ڪرڪيٽ نه کيڏي، جهڙي انداز ۾ موجوده ڪرڪيت پئي کيڏائي وڃي، اهڙي ڪرڪيٽ جو خدا ئي حافظ آهي، سموري دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي شين کي نه پيو تبديل ڪيو وڃي، فائن ٽيون ضورو ڪندا آهن، اهو رانديگر تي ڇڏيل آهي ته اهو پاڻ پنهنجي راند ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سکي. جاويد ميانداد چيو ته ڪرڪيٽ ۾ منهنجو باب بند ٿي چڪو آهي، مون جيتري به ڪرڪيٽ کيڏي سا عزت سان کيڏي، سموري دنيا ڄاڻي ٿي، پاڪستان ۾ ڪو ان کي مڃي يا نه مڃي مون تي ان جو فرق نٿو پوي. جاويد ميانداد موجب هتي حسد ڪندڙ ۽ منافق قسم جا ماڻهو آهن، انهن کي خبر آهي ۽ جن کي سڀ خبر هوندي آهي اهي ٻئي زاويي سان سوچيندا آهن، سڀ ٻارن وانگي آهن انهن لاءِ نيڪ خواهشون آهن.

Read Previous

ڪورونا ۾ مبتلا صدر ٽرمپ پاران چونڊ سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

امن جو نوبل انعام ورلڊ فوڊ پروگرام جي نالي ٿي ويو

Most Popular