افغانستان ۾ بم ڌماڪي سبب تيرنهن ڄڻا مارجي ويا، ٽي زخمي

ڪابل:   افغان صوبي سرائي پل ۾ روڊ ڪناري تي لڳل بم ڦاٽڻ سبب 10 فوجي اهلڪارن سميت 13 ڄڻا مارجي ويا.  افغان ميڊيا موجب صوبي سرائي پل ۾ روڊ ڪناري تي لڳل بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا واقعي کان پوءِ افغان سيڪيورٽي فورس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڌماڪي جي جڳهه تان شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن جڏهن ته زخمين کي ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. افغان ميڊيا جو ان حوالي  سان چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن 10 فوجي اهلڪار به شامل آهن جڏهن ته اڃان تائين طالبان سميت ڪنهن به گروپ طرفان ذميواري قبول نه ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف بچاءُ واري وزارت موجب بغلان  ۾ بارودي سرنگ هٿ آئي هئي جنهن کي ڌماڪي سان اڏايو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به افغان صوبي هلمند ۽ برات ۾ مسافر بسن جي ويجهو روڊ ڪناري تي لڳل بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 19 زخمي ٿي پيا هئا. مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. سرڪاري اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته ٻئي ڌماڪا طالبان طرفان  بارودي سرنگن ۾ ٿيا پر طالبان ان الزام جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي.

Read Previous

شعيب ملڪ ڏهه هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

Read Next

جنگبندي جي ڀڃڪڙي: آرمينيا پاران آذر بائيجان مٿان بمباري، ست ڄڻا مارجي ويا

Most Popular