پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان جگن ڪاظم ماءُ بڻجي وئي

ڪراچي:   پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان جگن ڪاظم جي گهر ڌيءَ جي پيدائش ٿي آهي جنهن جي خبر هن سوشل ميڊيا تي  شيئر ڪئي آهي.  جگن ڪاظم پنهنجي ڌيءَ جي معصوم هٿ جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي ان سمورن ماڻهن جو ٿورو ادا ڪيو جنهن ان جي لاءِد عائون ڪيون هيون. جگن ڪاظم پنهنجي ڌيءَ جو نالو سيده نور بانو نقوي رکيو آهي ۽ ان جي پيدائش 9 آڪٽوبر 2020 تي ٿي هئي. پر هن اها خبر مداحن سان اڄ شيئر ڪئي آهي.  جگن ڪاظم ٻيهر شادي ڪئي آهي ان جي پهرين شادي 2004 ۾ احمد تاجڪ نالي شخص سان ٿي هئي پر گهريلو جهيڙن سبب اها شادي هڪ سال ۾ ئي ختم ٿي وئي هئي ان شادي مان ان کي هڪ پٽ حمزه آهي جيڪو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو آهي. جگن ڪاظم ٻئي شادي 2013 ۾ فيصل نقوي سان ڪئي جنهن مان ان جو هڪ ٻيو پٽ حسن آهي ۽ هاڻ جگن ڪاظم ٽيون ڀيرو ماءُ جي عهدي تي فائز ٿي آهي. واضح رهي ته جگن ڪاظم پنهنجي يو ٽيوب وڊيو ۾ اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته منهنجي گهر ڌيءَ جي پيدائش جو امڪان آهي.

Read Previous

جنگبندي جي ڀڃڪڙي: آرمينيا پاران آذر بائيجان مٿان بمباري، ست ڄڻا مارجي ويا

Read Next

جاويد شيخ جي سالگره جي موقعي تي خوبصورت تقريب، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

Most Popular