جاويد شيخ جي سالگره جي موقعي تي خوبصورت تقريب، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي:   ڊرامن ۽ فلم انڊسٽري  جو ڪامياب اداڪار ۽ هدايتڪار جاويد شيخ 66 سالن جو ٿي ويو آهي ۽ هن ڏينهن کي  يادگار بنائڻ جي لاءِ گهر ڀاتين سان مختصر، سادي پر خوبصورت تقريب جو اهتمام ڪيو. جاويد شيخ شوبز دنيا جو اهو روشن تارو آهي جنهن پاڙيسري ملڪ جي فلمن ۾ به  پنهنجي اداڪاري کي مڃرايو. هو اداڪاري جي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻڻ کان پوءِ هدايتڪاري جي به ميدان ۾ آيو ۽ هن پنهنجي مداحن کي مايوس نه ڪيو. جاويد شيخ ان وقت فلمن جي هدايتڪاري جي شروعات ڪئي جڏهن پاڪستاني فلم انڊسٽري زبون حالي جو شڪار هئي ۽ اسٽوڊيوز ويران هئا. جاويد شيخ پي ٽي وي ڊرامن مان شهرت حاصل ڪئي ۽ فلم انڊسٽري ۾ ڪاميابي ماڻي هو 100 کان وڌيڪ فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. جڏهن ته 1995ع ۾ پهرين فلم جي هدايتڪاري ڪئي ان کان پوءِ 2005 ۾ بالي ووڊ جي فلمن ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. گذريل ڏينهن ان جي ڌيءَ مومل شيخ انسٽاگرام تي پنهنجي پيءُ جي سالگره جي تصوير شيئر ڪئي. تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جاويد شيخ پنهنجي ڏوهٽي سان گڏ ڪيڪ ڪاٽي رهيو آهي ۽ مومل شيخ، شهزاد شيخ ۽ ٻيا گهر ڀاتي تاڙيون وڄائي رهيا آهن. مومل شيخ ۽ شهزاد شيخ هن تقريب جو بندوبست ڪيو هو.

Read Previous

پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان جگن ڪاظم ماءُ بڻجي وئي

Read Next

مولانا ڊاڪٽر عادل خان کي جامعيه فاروقيه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

Most Popular