مولانا ڊاڪٽر عادل خان کي جامعيه فاروقيه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

ڪراچي : شيخ الحديث مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي جنازي نماز جامعيه فاروقيه ۾ ادا ڪئي وئي.   رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ شهيد ڪيل شيخ الحديث مولانا عادل خان جي جنازي نماز جامعيه فاروقيه حب ريور روڊ تي ادا ڪئي وئي.  مولانا عادل خان جي جنازي نماز ان جي وڏي ڀاءُ مولانا عبيدالله خان پڙهائي. جنازي جي نماز ۾  عالم دين مفتي محمد تقي عثماني، مفتي محمد رفيع عثماني، مولانا حنيف جالندهري، سينيٽر عبدالغفور حيدري، مولانا راشد سومرو، مهتمم جامعه بنوريه مفتي نعمان ۽ حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد کان علاوه شاگردن ۽ عقيدتمندن سميت ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

Read Previous

جاويد شيخ جي سالگره جي موقعي تي خوبصورت تقريب، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

Read Next

دادو : عوامي اتحاد دادو سوشل ميڊيا پلس شهري ويلفئير ايڪشن ڪاميٽي مختلف سماجي شهرين علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

Most Popular