ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان ميمبر ملڪن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: : فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) جي اهم اجلاس کان اڳ پاڪستان هن عالمي تنظيم جي ميمبر ملڪن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن 27 نڪتن تي ٻڌل ايڪشن پلان تي انهن ملڪن جي حمايت حاصل ڪري گري لسٽ مان نڪري سگهجي. اڳڀرائي کان آگاهه سرڪاري عهديدارن ٻڌايو ته دهشتگردي جي مالي اعانت ۽ مني لانڊرنگ کي قابو ڪرڻ لاءِ عالمي نگران تنظيم 21 کان 23 آڪٽوبر تائين مڪمل اجلاس منعقد ڪندي. ايجنڊا ۾ 27 نڪتن تي ٻڌل ايڪشن پلان تي پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو به شامل آهي. گذريل هفتي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي سعودي، ترڪ ۽ ملائيشين هم منصبن کي ٽيليفون ڪيو ۽ ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي پاڪستان جي اهم اڳڀرائي جي باري ۾ کين آگاهه ڪيو. سعودي عرب، ترڪي ۽ ملائيشيا 39 ميمبرن تي ٻڌل ايف اي ٽي ايف تنظيم جا ميمبر آهن. اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ ڪنهن به منفي فيصلي کان بچڻ لاءِ ان ملڪن جي حمايت تمام ضروري آهي. مذڪوره ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان شاهه محمود قريشي ٽيليفون تي ڳالهين کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ايف اي ٽي ايف جو ذڪر به نه ڪيو هو. ان حوالي سان هڪ سرڪاري عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ان ٽنهي ملڪن جي اعليٰ سفارتڪارن سان ٽيليفون ٽي ڳالهين جو هڪ مقصد ايندڙ ايف اي ٽي ايف جي مڪمل اجلاس ۾ ان جي حمايت هاصل ڪرڻ هو. پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان نه آهي ڇو ته ان کي چين، ملائيشيا ۽ ترڪي جي حمايت حاصل آهي جيڪي اهڙي قسم جي ڪنهن به قدم کي ويٽو ڪري سگهن ٿا. گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان کي 12 جڏهن ته بليڪ لسٽ مان بچڻ لاءِ پاڪستان کي 3 ووٽن جي ضرورت آهي.

Read Previous

وزيراعظم جي خصوصي معاون عاصم سليم باجوه جي استعيفيٰ منظور

Read Next

احتساب جي نالي تي تماشو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ نيب گڏ نٿا هلي سگهن: شاهد خاقان عباسي

Most Popular