شهر ۾ ڪنڊا ڪنيڪشن ۽ باقايا جات جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا

ڪشمور(رپورٽ اعجاز احمد) ڪشمور ۾ سٽي 2 ۽  گڊو شھر ۾ 4 ڏينهن کان صبح 9بجي منجهند 2بجي تائين ڪنڊا ڪنيڪشن ۽ بقايا جات جي خلاف ڪريڪ ڊاؤن ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا سيپڪو جي ٽيم مختلف علائقن ۾ بجلي چورن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ڪيترائي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارون زبت ڪيون ويون اسان بجلي چوري ھلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي بجلي چوري ڪندڙن کي ڪڏهن به نه بخشيو ويندو،ايس ڊي اوتفصيل موجب:ايس ڊي او سيپڪو ڪشمور ارجيندر ڪمار ايل ايس نثار احمد جکراڻي ايل ايس فائق علي بجاراڻي ،لائين مين قربان علي باجڪاڻي، جبل جکراڻي،حاڪم خان جکراڻي،لياقت علي سومرو. جاويد جکراڻي ۽ ٻين سيپڪو عملدارن جي سرپرستي ۾ ڪشمور ۽ گڊو شھر جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا ڪارروائي دوران ڪيترائي غيرقانوني ڪنيڪشن پڪڙي ورتا ايس ڊي او ۽ ايل ايس سيپڪو نثار احمد جکراڻي ڪشمور پاران گڊو جي پٺاڻ محلا، صيفلا محلا، ميراڻي محلہ، ۽ ڪشمور جي لاشاري محلا، عيدگاھ محلا، سولنگي محلا، کوسہ محلا ڀٽي پاڙي سميت شهر جي مختلف پاڙن ۾ ڪاروائي ڪري غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا ڪنڊا هڻندڙ ۽ بقايا جات وارن جون تارون قبضي ڪيون ويون ايل ايس سيپڪو نثار احمد جکراڻي جو چوڻ هو ته اسان سيپڪو چيف جي حڪم تي ڪشمور ۾ سٽي 2 ۽ گڊو شھر جي مختلف پاڙن ۾ ڪاروائي ڪئي آهي بجلي چوري ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو….

Read Previous

ن ليگ جي ضلعي صدر ايڊو ڪيٽ ملڪ وسيم اعواڻ جي نگراني ۾ ڀرياروڊ جي سٽي باڊي چونڊي وئي

Read Next

سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز جي بورڊ آف گورننس جو اھم اجلاس ٿي گذريو

Most Popular