سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز جي بورڊ آف گورننس جو اھم اجلاس ٿي گذريو

سيوھڻ شريف رپورٽ(محمد حنيف شاهاڻي)سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز جي بورڊ آف گورننس جو اھم  اجلاس ٿي گذريو صوبائي وزير صحت ميڊم عذرا پيچوھو صدارت ڪئي انسٽيٽيوٽ جي وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڊاڪٽر معين الدين صديقي کي وڌيڪ ٻن سالن لاء انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي برقرار رھڻ جي منظوري ڏني وئي خبر موجب  سيوھڻ جي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز جي سالياني بورڊ آف گورننس جو  اھم اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ بورڊ آف گورنس جي ميمبرن سيد آصف علي شاه ڊاڪٽر معين الدين صديقي  ڊاڪٽر منظور بروھي ڊپٽي ڪمشنر  ڄامشورو فريد مصطفي  منظور سومري شرڪت ڪئي اجلاس ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڪار ڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊائريڪٽر  انسٽيٽيوٽ جي  بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي اطيمنان جو اظھار ڪيو ويو ان موقعي تي بور جي ميمبرن متفق راء سان ڊاڪٽر معين الدين صديقي جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن لاء بطور ڊائريڪٽر ڪم جاري رکڻ جي منظوري ڏني وئي ان موقعي تي بورڊ جي چئير پرسن صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر  ميڊم عذرا پيچوھو چيو ت ڊاڪٽر معين الدين صديقي بهتر خدمتن ھجڻ ڪري کيس وڌيڪ ٻن سالن لاء ۾قرر ڪيو ويو آھي ھن چيو ته سيد عبدالله شاه ھڪ بهترين ادارو آھي جنهن ۾ نه صرف سنڌ بلڪه پنجاب مان به علاج ڪرائڻ جي غرض لاء  اچن ٿا اسان سڀني کي گڏجي مريضن کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لاء گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

Read Previous

شهر ۾ ڪنڊا ڪنيڪشن ۽ باقايا جات جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا

Read Next

خيرپور : پيار جو پرڻي تان ٻن جوڙن خلاف بااثر وڏيري پاران جرڳو ٻنهي جوڙن کي ڪارو قرار جي فتويٰ جاري

Most Popular