علي ظفر ۽ ميشا شفيع حراسمينٽ معاملو: عفت عمر سميت چار جوابدار جاچ ۾ شامل

لاهور:  مشهور گلوڪار علي ظفر طرفان ميشا شفيع ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف سائبر ڪرائم ونگ ۾ داخل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سائبر ڪرائم  ونگ 4 جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. سائبر ڪرائم ونگ اداڪاره ۽ ماڊل عفت عمر، فريحه ايوب، شهزاد رضا  ۽ حمزه رضا کي جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ميشا شفيع کي اڃان تائين سائبر ڪرائم ونگ نوٽيس ناهي موڪليو.  سائبر ڪرائم ونگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميشا شفيع پرڏيهه ۾ ترسيل آهي. ٻئِي طرف جاچ ۾ شامل ڇئني جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جوابدان بيان ڏيندي چيو آهي ته اسان عوامي راءِ تي  پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي اسٽيٽس اپ لوڊ ڪيا.  اداڪاره عفت عمر چيو آهي ته اسان ڪنهن جي به دل آزاري لاءِ پوسٽ ناهي ڪئي.  واضح رهي ته فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي خلاف سوشل ميڊيا تي هلايل چڙ ڏياريندڙ مهم ۽ ان جي ڪردار ڪشي ڪرڻ تي ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت 9 ڄڻن تي گذريل مهيني ڪيس داخل ڪيو هو.

Read Previous

ڪورونا وائرس نوٽن ۽ موبائل اسڪرين تي ڪيترا ڏينهن رهي سگهي ٿو؟

Read Next

قوالين جي شهنشاهه استاد نصرت فتح علي خان جي اڄ ٻاهترين سالگره ملهائي پئي وڃي

Most Popular