دادو: سگا شاخ ڦلجي پاران سوشل ويلفيئر ضلعي دادو جي ڊائريڪٽر کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب

دادو(ڊر)سگا شاخ ڦلجي پاران سوشل ويلفيئر ضلعي دادو جي ڊائريڪٽر کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڦلجي اسٽيشن پاران سوشل ويلفيئر ضلعي دادو جي ڊائريڪٽر ريحانہ جوڻيجو کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب جي ڪاروائي شاخ جي جنرل سيڪريٽري احمد حسن پنهور هلائي، آجياڻو شاخ جي صدر آفتاب احمد پنهور ڏنو، ڊائريڪٽر جي خدمتن ۽ ابتدائي ڄاڻ عبدالرزاق بلبل روشني وڌي، مڃتا ايوارڊ تقريب ۾ سگا جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو صدارتي، سيڪريٽري هيلٿ رفيق احمد سرهيو، غوث جهتيال، نور محمد سيال، بابن خان پنهور، قاضي علي محمد قريشي، غلام سرور پنهور، درياءُ خان جهتيال، نياز الاهي، سگا پاٽ جي صدر محمد اعظم ميمڻ، گلزار ڪلهوڙو، حاڪم بٺڙ، عبدالله خان شاهاڻي، وفا ياسين آرائين، غلام سرور عباسي، عرفان ڪلهوڙو ۽ ٻين اعزازي مهمان جي حيثيت ۾ شرڪتي ڪئي، ان موقعي تي ررحانہ جوڻيجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ خوشي جهڙي ڳالهہ آهي سماج سجاڳ ٿي چڪو آهي، سندن سجاڳي سان نئون سماج اڏجي پيو، منهنجون سماجي خدمتون نہ رڳو سرڪاري طور تي پر پنهنجي وت وس آهر بہ جاريون رهنديون، سگا ۽ ايوان صحافت جي ٽيم جس لهي جن مان ڏنو، ڦلجي ۾ هُنري سينٽر کوليو ويندو، پيرل خان ۽ رفيق سرهيو چيو تہ سگا کي ماڻهپي جي سڃاڻپ آهي، ڪوبہ ماڻهو ننڍو ناهي، هر ماڻهو جي پنهنجي حيثيت آهي، بابن خان پنهور چيو تہ سوشل ويلفيئر آهي تہ سرڪاري کاتو پر ڊائريڪٽر جون سماجي خدمتون ذاتي بہ اسان ڏٺيون آهن کيس سلام پيش ڪيون ٿا، سگا جي روشن تارا اسڪول جي بلڊنگ لاء وزير اعلي تائين فائيل پهچائيندس ۽ ذاتي دوستن کان بہ مدد وٺندس، قاضي علي محمد قريشي چيو تہ سگا جي هي تقريب مانائتي آهي جنهن ۾ ڪردار جي سڃاڻپ ڪري مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو، تقريب ۾ سگا ۽ ايوان صحافت ڦلجي پاران ريحانہ جوڻيجو کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، تقريب ۾ ايوان صحافت، اڇڙا ويلفيئر، پاٽائي فورم، چيمبرس آف ڪامرس دادو، رحمٰن ٽرسٽ، سي آر سي دادو جي وفدن شرڪت ڪئي، تقريب جي آخر ۾ روشن تارا اسڪول ڦلجي جي ڊاڪٽر قربان جهتيال ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪيو ويو.

Read Previous

سندن لاءِ زرعي معاملن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سروري جماعت جي بزرگ محمد عرس ڪوري جي لاڏاڻي تي سندس پٽ محمد ايوب ڪوري سان تعزيت

Read Next

گرينڊ ھيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن پاران سول اسپتال ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ

Most Popular