گرينڊ ھيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن پاران سول اسپتال ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ

نوشهروفيروز(ڊ ر)گرينڊ ھيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن پاران سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن اشرف قريشي، محمد يونس وسڻ، قيصر خان چانڊيو، راھب علي تڳر، محمد سومر سومرو ۽ ٻين چيو ته حڪومت جي انگن اکرن موجب سنڌ اندر ڪورونا تمام تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي ۽ صحت کاتي جا ملازم فرنٽ لائين تي ڪورونا سان جنگ وڙھڻ ۾ مصروف آھن ۽ اسان جا ڪيترائي ملازم ڪورونا سان جنگ وڙھندي شھيد ٿي چڪا آھن پر سنڌ حڪومت ٽن مھينن لاءِ رسڪ الائونس ڏيئي واپس وٺي ڇڏيو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت جي ان عمل مان غير سنجيدگيءَ جو خوب اندازو ڪري سگهجي ٿو ته حڪمران عوام جا سڄڻ نه پر انھن جا جاني دشمن آھن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته صحت کاتي.جي ملازمن جا مڃيل مطالبن ۾ ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽڪچر، ھيلٿ پروفيشنل الائونس ۽ فنانس ڊپارٽمينٽ جي نڪتل رڪوري ليٽر جي خاتمو شامل آھن جيستائين اھي سمورا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا تيستائين احتجاج جاري رھندو. اڳواڻن جو وڌيڪ ڇوڻ ھو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ حڪومت کي ٽن ڏينھن جو الٽيميٽم ڏنو ويو آھي ان دوران او پي ڊيز جو مڪمل بائيڪاٽ رھندو ۽ خميس ڏينھن ڪراچي پريس ڪلب تي سڄي سنڌ گڏ ٿي وزيراعليٰ، گورنر ھائوس ۽ اسيمبليءَ طرف لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويندو.

Read Previous

دادو: سگا شاخ ڦلجي پاران سوشل ويلفيئر ضلعي دادو جي ڊائريڪٽر کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب

Read Next

سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ ۽ ڳڙھي خيرو شهر ۾ داخل ٿيڻ واري بيگاري پل ٽٽي پوڻ سبب ٽرڪ جو حادثو ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻھو معجزاني طور بچي ويا

Most Popular