غلام نبي مورائي اسڪول کي ڏنل پلاٽ تي اچي ڪوڏر سان کوٽائي ڪري لپا هڻي افتتاح ڪري دعا گهري

مورو  (محمد انيس ڪلھوڙو) مهراڻ ٽي وي جي سرواڻ غلام النبي  مورائي پنهنجي طرفان  مورو جي سنڌ ڪالوني ۾ گورنمينٽ پرائمري   اسڪول حاجي  محمد عثمان ميمڻ  کي وڌيڪ ڪلاس ٺهرائڻ لاءِ 2000 هزار فوٽ   مفت پلاٽ  ڏئي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ غلام نبي مورائي اسڪول کي ڏنل پلاٽ تي اچي ڪوڏر سان کوٽائي ڪري لپا هڻي  افتتاح ڪري دعا گهري  اسڪول جي انتظاميه کي پلاٽ حوالي ڪيو غلام النبي مورائي اسڪول کي ڏنل پلاٽ تي  پهتو ته سندن جو شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا  ڪئي وئي  ان موقعي  تي بشير احمد مورائي امانﷲ مورائي غلام هادي مورائي يونين ڪائونسل فتو ٻلال جي اڳوڻي چيئرمين ساجن سولنگي عطر سولنگي  استادن محمد سليمان سولنگي غلام نبي سومرو رحمت الله سولنگي خادم  حسين سولنگي عاشق سولنگي غلام مصطفلي ڪورائي گل حسن کوسو نورالدين سولنگي    ايجوڪيشن ورڪس کاتي جا  آفيسر پڻ موجود هئا بعد ۾ منقعد ڪيل تقريب ۾   غلام النبي مورائي ۽ آيل مهمانن  کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي وئي ان  موقعي تي   خطاب ڪندي غلام النبي مورائي چيو ته مان اسڪول کي پلاٽ ڏئي خوش ٿي رهيو آهيان ڇوت  ته سنڌ ڪالوني ۽ آس پاس جا غريب ٻارڙا هن اسڪول مان بنيادي تعليم حاصل ڪري  اعلي مقام تي پهچندا ۽ مان اهو ئي چاهيان ٿو هن چيو ته تعليم کان سواء ڪجهه به ناهي تعليم ئي اونداهي سماج کي روشن ڪري ٿي سنڌ جي خوشحالي ترقي ۽ تعمير جو دارومدار تعليم تي آهي اڄ اسان  هن منزل تي آهيون ته  تعليم جي ڪري آهيون ان لاءِ والدين غريب پورهيت مزدور پنهنجي ٻارڙن نياڻين کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪن هن چيو ته منهنجي والد صاحب مرحوم  حاجي ڀليڏنو ميمڻ پنهنجي حياتي ۾ موجوده اسڪول کي مفت ۾ پلاٽ ڏنو هو جنهن ڪري  اسڪول جي بلڊنگ وجود ۾ آئي ۽ وڌيڪ ڪلاس ٺهرائڻ لاءِ اسڪول جي ڀرسان پلاٽ ڏنو ويو آهي هي اسڪول منهنجي ڏاڏي جي نالي تي آهي جيڪا اسان جي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي  هن چيو ته شروع کان وٺي اسان تعليم ۽ غريب ماڻهن جي ڀلائي بهتري لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام  ڏيندا اچون پيا   مورو شهر منهنجو ماتر ڀومي آهي هن شهر سان منهنجي محبت آهي جيڪو به ڪجهه ٿي سگهندو هن شهر لاء ۽ ماڻهن لاءِ ڪندو رهندس هن چيو ته علامه اقبال يونيورسٽي کي  مورو ۾ ڪئمپس قائم ڪرڻ لاءِ ڪروڙين روپين جو پلاٽ مفت ۾ فراهم ڪيو آهي جيڪا ڪئمپس جي بلڊنگ جو ڪم جاري آهي هن چيو ته جتي تعليم جي ڳالهه هوندي اتي اسان هر  قربان ڏينداسين هن   چيو ته استاد پيغمبري پيشو آهي انهن مهان استادن کي مان سلام پيش ڪيان ٿو جن پوري زندگي اسڪولن ۽ تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي انهن استادن به اسان کي پڙهايو انهن جي ڪمينٽمنٽ صرف اسڪول  تعليم ۽ ٻارڙن سان هئي حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ جي تعليم کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ تعليم جي لحاظ کان اسان پوئتي وڃي رهيا آهيون اسان کي  پنهنجا  تعليمي   ادارا بچائڻا آهن سڀئي تعليم دوست استاد والدين شاگرد سول سوسائٽي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن تعليم جي بهتري ڀلائي لاءِ ڪم ڪن ته جيئن سنڌ جي تعليم کي دنيا ليول تي اعلي مقام تي پهچايون هتان جا شاگرد اعلي تعليم حاصل ڪري  اعلي مقام ماڻين ته جيئن پنهنجي سنڌ ڳوٺ استادن اسڪول ۽ والدين جو نالو روشن ٿئي سنڌ  شهر ڳوٺ ۽ ماڻهو ترقي ڪري  خوشحال ٿين هن چيو ته اسان هميشه هر ڪم سچائي محنت مخلصي  ۽ دليري سان ڪيو آهي ڪنهن جي به سلامي نه ڪئي آهي نه ڪنداسين ۽ اسان جي خدمت جو هي سلسلو جاري رهندو هن تقريب ۾ حاجي عثمان سولنگي بشير احمد سولنگي محمد هاشم سولنگي غلارسول امام بخش ۽ ٻيا پڻ موجود هئا جڏهن ته  سنڌ ڪالوني جي رهواسين معززين استادن والدين  غلام النبي مورائي کي  اسڪول لاءِ پلاٽ ڏيڻ تي سندس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته غلام النبي مورائي جا اهڙا تاريخي ڪم هميشه ياد رهندا هن هميشه انسانيت تعليم سنڌ ۽ مورو جي بهتري لاءِ ڪم ڪيا آهن جيڪو تاريخ جو هڪ بڻيل آهن تعليم لاءِ مفت ۾ پلاٽ ڏيڻ سندن جو وڏو ڪارنامو  اسان سندن جا شڪر گذار آهيون

Read Previous

سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ ۽ ڳڙھي خيرو شهر ۾ داخل ٿيڻ واري بيگاري پل ٽٽي پوڻ سبب ٽرڪ جو حادثو ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻھو معجزاني طور بچي ويا

Read Next

اسان سانگهڙ جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي اسان جي پيار جا ويري اسان جي جانين جا دشمن ٿي ويا آهن : اڳواڻ

Most Popular