نوشهروفيروز جي عدالت ۾ ٻن پريمي جوڙن پيار پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گُهر

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ( نوشهروفيروز جي عدالت ۾ ٻن پريمي جوڙن پيار پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گُهر. خبر موجب نوشهروفيروز جي جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ نيوسعيد آباد جي رهواسڻ مسمات لال خاتون هالاڻي واسي نديم علي سولنگي جڏهن ته گهگهر فاٽڪ ملير جي رهواسڻ مسمات مُبينه پڻ هالاڻي واسي رسول بخش رند سان پيار پرڻو ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مسمات لال خاتون چيو ته ڪجهه عرصو اڳ مهنجي اڳوڻي مڙس قمرالدين سرگاڻي مون کي طلاق ڏني هئي جنهن کان پوءِ مان رضا خوشي سان نديم علي سولنگي سان شادي ڪئي آهي جنهن تان اڳوڻو مڙس قمرالدين سرگاڻي، نهال سرگاڻي، اشفاق سرگاڻي، ماستر فضل سرگاڻي جان جا دشمن بڻجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف پريمي جوڙي مسمات مُبينه جنجهه ۽ رسول بخش رند ٻڌايو ته اسان شريعت محمدي مطابق رضا خوشي سان پيار پرڻو ڪيو آهي جنهن ڪري اسان جا مائٽ دوست علي رند، ضمير علي، مير، مظفر، امير علي ۽ منهنجي زال جو پيءَ ممتاز علي ناراض آهن جيڪي پڻ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏئي پنهنجي مرضي واري زندگي گذارڻ ڏني وڃي.

Read Previous

ڪنڌرا : ڳوٺ محبوب ميتلو جي رهواسين اڳوڻي ايس ايڇ او ڪنڌرا ۽ بااثر خلاف ميتلا برادري جو احتجاج

Read Next

نيوسعيداباد : سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڏنگي ء ڀنڊار ٻيٽ تي وفاق پاران قبضن خلاف اعلانيل شٽربند ھڙتال

Most Popular