ڪنڌرا : ڳوٺ محبوب ميتلو جي رهواسين اڳوڻي ايس ايڇ او ڪنڌرا ۽ بااثر خلاف ميتلا برادري جو احتجاج

ڪنڌرا (رپورٽر ) ڪنڌرا لڳ ڳوٺ محبوب ميتلو جي رهواسين سابقه ايس ايڇ او ڪنڌرا ۽ با اثر ميتلا برادري جي ماڻهن خلاف ڪنڌرا ميڊيا جي اڳيان احتجاج ڪيو جنهن جي اڳواڻي نعيم ميتلو مجاهد ميتلو محمد ٺريل ميتلو اعجازميتلو مشتاق ميتلو نسيم ميتلو محبوب ميتلو رجب ميتلو ممتاز بادل هادن ڪري رهيا هئا جن جو چوڻ آهي ته مهينو اڳ اسان جي ويجهي رشتي دار مجاهد پٽ محمد مريد ميتلو کي پنهنجي ئي برادريء جي هرهڪ جوابدار عبدالرزاق پٽ علي مراد مھتاب پٽ شاهنواز ۽ ٻن نامعلوم هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي، گهر ۾ ستل کي مجاهد پٽ مريد کي خنجرن  جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ آساني سان فرار ٿي ويا جن خلاف ڪنڌرا ٿاڻي تي فرياد ڪئي وئي پر ڪنڌرا ٿاڻي جي سابقا ايس ايڇ او محمد شريف مهر وڏي رشوت عيوض جوابدارن کي ڇڏي ڏنو الٽو اسان مٿان ساڳيو ئي ايس ايڇ او ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هوڏانهن جوابدارن جي رشتي دارن اقبال پٽ مينهل ميتلو سعيد پٽ اربيلو عبدالشڪور ميتلو جن ڦر جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان کي پريشان ڪري اصل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو  هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار ڌر اسان جي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي اسان جي عورتن جون تصويرون ڪڍي اسان کي بليڪ ميل پڻ ڪيو وڃي ٿو هنن وڌيڪ داهيندي ٻڌايو ته اسان پنهنجي زمينن کي آباد نٿا ڪري سگهون جڏھن اسين پنهنجي زمينن کي آباد ڪرڻ وڃون ٿا ته اسان جي لنگهن تي ويهي لڪي حملا ڪيا وڃن ٿا هنن چيو ته اسان جو هڪ رشتيدار نعيم ميتلو ذهني مريض آهي  ان مٿان ڦر جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آهي جنهن جو علاج پنو عاقل ڇانوڻي ۾ هلندڙ آهي هنن آء جي سنڌ  آر پي او سکر  ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان گهر ڪئي آهي ته هنن لنڊن، لوفرن ۽ ڪنڌرا پوليس کان تحفظ ڏياريندي آسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اسان سک جو ساهه کڻي سگهون

Read Previous

ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ايريگيشن متحده فيڊريشن سنڌ طرفان مطالبن جي مڃتا لاء سوين ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

Read Next

نوشهروفيروز جي عدالت ۾ ٻن پريمي جوڙن پيار پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گُهر

Most Popular