اڳواڻن کي گرفتار ڪريو يا ڪارڪنن کي، حڪومت کي گهر ڀيڙو ضرور ڪنداسين: شيري رحمان

اسلام آباد:  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان الزام لڳايو آهي ته نيب حڪومت جي مرضي تي هلي رهيو آهي ۽ جلسن کان اڳ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو چٽو ثبوت آهي.  واضح رهي ته قومي احتساب بيورو(نيب) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي صدر جي  گرفتاري جاري ٿيڻ تي شيري رحمان پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته نيب جي ڪارروائين تي اعليٰ عدالت کان وٺي عالمي ادارن به سوال اٿاريا آهن.  هن چيو ته لڳي پيو ته حڪومت سان گڏ هاڻ نيب به بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي نيب چيئرمين اختيارن جو ناجائز فائدو نه کڻي. شيري رحمان چيو ته اڳواڻن کي گرفتار ڪريو يا ڪارڪنن کي پيپلز پارٽي هن سليڪٽيڊ حڪومت کي گهر  ڀيڙو ضرور ڪندي.

Read Previous

خبر پئي آهي ته شهباز شريف نيب وٽ گرفتاري دوران ڳجهيون ملاقاتون ڪري رهيو آهي: شهزاد اڪبر

Read Next

پاڪستان ۾ ڪورونا تيزي سان وڌڻ لڳو، پنجاب جا ٻه وزير به وائرس جو شڪار

Most Popular