سجاول : 18 آڪٽوبر وارو جلسو وفاقي حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو: پ پ اڳواڻ

سجاول : 18 آڪٽوبر وارو جلسو وفاقي حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو.سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارن جو حشر ماضي کان وڌيڪ ڀيانڪ ٿيندو.18 ترميم ذريعي صوبن کي مليل خودمختياري نيازي سرڪار کان هضم نٿي ٿئي.سنڌ جا وسيلن تي صرف سنڌ جي عوام جو حق آهي.اهڙن خيالن جو اظھار پيپلزپارٽي ضلعي سجاول  جي ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرزاي پنهنجي رھائشگاھ سيد پور  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته وفاقي سرڪار جي غلط منصوبا بندي سبب مهنگائي جو طوفان برپا ٿي ويو آهي.عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي.هن وقت ملڪ جي عوام اصل تبديلي آڻڻ لاء روڊن تي نڪري چڪي آهي.18 آڪٽوبر وارو جلسو نيازي سرڪارخلاف عوامي ريفرنڊم ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو خواب ڏسندڙن جي منهن تي چماٽ ثابت ٿيندو.هن ملڪ جي مسڪين عوام مزدور. هاري. پورهيت.واپاري سڀ جهموريت جي بحالي لاء جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پيپلزپارٽي ڏانهن وانجهائي رهياآهن.انشاالله نوجوان قيادت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري وزيراعظم بڻجي پنهنجي نانا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ والده شھيد راڻي جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائيندو هن ملڪ ۾ خوشحالي آڻيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پهرين به ضلعي سجاول  ۾ پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي هئي.هينئر به چئن ئي تعلقن ۾ پيپلز پارٽي ڪارگردگيءّ جي بناء تي ڪلين سئيپ ڪندي.  ھن وڌيڪ ڳالھائيندي  چيو ته سجاول ضلعي مان 18 آڪٽومبر جي ڪراچي واري جلسي ۾ ضلعي سجاول مان ھزارين ماڻھن جي تعداد مان شرڪت ڪري جلسي کي ڪامياب ڪيو ويندو ان موقعي تي ساڻس گڏ ايم پي اي سيد شاهه حسين شيرزاي ۽ سيد نصير شاهه شيرزاي موجود ھئا

Read Previous

سجاول: دڙي موري تي روڊ حادثو، 2 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

Read Next

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

Most Popular