ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

سوات: سوات ۽ ان جي ڀرپاسي زلزلي جا جهٽڪا محسوسو ڪيا ويا آهن. زلزلي جي ڪٿ ڪندڙ مرڪز موجب سوات ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ شديد زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 5.6 ريڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جي ڪٿ ڪندڙ مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان هندوڪش آهي. زلزلي جي نتيجي ۾ هن وقت تائين ڪنهن جاني ۽ ملي نقصان جو اطلاع ناهي مليو ٻئي طرف آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 4.9 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ان جو مرڪز افغانستان جي علائقي اشڪشام کان 27 ڪلوميٽر پري اولهه ۾ هو جڏهن ته زلزلي جي زمين هيٺ گهرائي 22 ڪلوميٽر هئي.

Read Previous

سجاول : 18 آڪٽوبر وارو جلسو وفاقي حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو: پ پ اڳواڻ

Read Next

ڪورونا سبب وڌيڪ ست ڄڻا فوت، ڇهه سئو اڻهٺ نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular