پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ جي سليڪٽيڊ وزيراعظم کپي يا اليڪٽيڊ وزير اعظم کپي: پ پ ايم اين اي مھرين ڀٽو

نوشهروفيروز (رپورٽر) پ پ ايم اين اي مھرين ڀٽو چيو آھي ته پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ جي سليڪٽيڊ وزيراعظم کپي يا اليڪٽيڊ وزير اعظم کپي. نوشهروفيروز ۾ ليڊيز ونگ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ھن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي ملڪ جو عوام گھر موڪلڻ لاءِ بي چين آھي. عمران خان غريبن جي وات مان ماني ڳڀو کسي ورتو آھي ۽ ھن ملڪ جي ادارن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. قرضن مٿان قرض وٺي ملڪ جو معاشي ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي. شيخ رشيد جو ادارو خود خساري ۾ آھي. جيڪو ڪوڙيون پيشن گوئيون ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته سول اسپتال نوشهروفيروز کي اپ گريڊ ناھي ڪيو ويو جيڪا افسوس جوڳي ڳالھ آھي ان کي اپ گريڊ ڪرڻ گھرجي.

Read Previous

ڳڙھي خيرو: عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ جماعت اهلسنت پاران نوري مسجد ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو

Read Next

متحدا سني علماء ڪائونسل پاران علاما ڊاڪٽر عادل خان جا قاتل گر فتار ن ٿيڻ خلاف احتجاج

Most Popular