حنيد لاکاڻي جي صدارت هيٺ بيت المال جي آڊٽ ڪميٽي جي ميٽنگ

ڪراچي : سربراهه بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي جي صدارت هيٺ بيت المال  پاڪستان آڊٽ  ڪميٽي جي 3 رڪني ميٽنگ. ميٽنگ جي صدارت سربراهه بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي ڪئي. ميٽنگ ۾ ميمبر پاڪستان بيت المال گلگت بلتستان عديل شگري ۽ ڊائريڪٽر آڊٽ ڊيپارٽمينٽ محمد خضر شرڪت ڪئي. ميٽنگ دوران عديل شگري پاران ڊائريڪٽر بيت المال آڊٽ محمد خضر ۽ حنيد لاکاڻي کي موجوده صورتحال ۽ اڪائونٽس بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ۽ گلگت بلتستان ۾ اداري جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهيندي سربراهه بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي چيو ته گذريل حڪومتن ته بيت المال جهڙي ادري کي به معاف نه ڪيو. اسان جون سموريون پاليسيون ۽ ڪوششون غربت جي خاتمي لاءِ آهن ۽ حڪومت غربت ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهي آهي. پاڪستان بيت المال جو مقصد غريب ۽ اهڙن ماڻهن جي مالي مدد ڪرڻ جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. حنيد لاکاڻي چيو ته بيت المال جي فنڊ سان ضرورت مند ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي. وفاقي حڪومت ۽ بيت المال سنڌ جي ڪوشش آهي مستقل بنيادن تي غربت جي خاتمي لاءِ غريب ماڻهن جي مالي مدد ڪئي وڃي جيئن غريبت ۾ گھٽتائي ٿئي. هن چيو ته  ننڍي ڪاروبار آسان شرطن تي قرض، تعليم جي بهتري ۽ آساني لاءِ بنيادي سهولت جي فراهمي ۽ منصوبا شروع ڪيا ويندا. حنيد لاکاڻي چيو ته بيت المال سنڌ پنهنجون ڪوششون ڪري رهي آهي جيئن اداري جي ڪارڪردگي بهتر ٿئي ۽ عام ماڻهن کي رليف ملي سگهي. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني قوم جي دل سان خدمت ڪيون ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان پنهنجي ذميواري هي نه پر دلي خواهش سمجهون ٿا.

Read Previous

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي وفاقي حڪومت پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شھر اڏڻ وارو صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Read Next

دولت ڪالوني ۾ ملڪيت تان ڀاءُ هٿان ڀاءَ قتل

Most Popular