سکر ڀرسان ٻٻرلوء پرائمري اسڪول الھڏنو شيخ جي بلڊنگ جا تالا کلي نه سگھيا

سکر (رپورٽ ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ڀرسان ٻٻرلوء  پرائمري اسڪول الھڏنو شيخ جي بلڊنگ جا تالا کلي نه  سگھيا اسڪول استاد عملو بايو ميٽرڪ ھوندي بگھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳو تعليم کاتو اگھور ننڊ ۾ ستل ڊاريڪٽر پراءمري ايجوڪيشن ب ٻوٽو ن ٻاريو شاگرد رولڙي جو شڪار روھواسين جو تعليم کاتي جي نااھلي خلاف احتجاجي مظاھرو بند اسڪول کولڻ جو مطالبو تفصيل موجب ـ سکر ڀرسان ٻٻرلوء پراءمري اسڪول الھڏنو شيخ جي بلڊنگ ڪيرري عرصي کان بند پيل آھي جنھن جا تالا کلي ناھين سگھيا ڳوٺاڻن جا ٻارڙا تعليم پراءڻ کان محروم بڻيل آھن ڊيوٽي ڪندڙ  استاد پنھنجي ذميواري کا ڦرار ٻار استادن جي انتظار ۾ روزانو  رھندا آھن ليڪن استاد  نہ ھئڻ ڪري ٻار رولڙي جو شڪار آھن ھنن چيو ت  بند پيل اسڪول کولرايو وڃي ڇو ت استاد عملو ۽  ھيڊ ماستر صفدر شيخ. غلام شبير اعوان  گھر ويٺي پگھارون کائي رھيا آھن رھواسين   وڏيرو عابد علي شيخ شوڪت علي شيخ وڏيرو مصرور علي شيخ ۽ ٻين مظاھري دوران چيو ت گوسڙو استادن جون نوڪريون ختم ڪري بند پيل اسڪول کولي اسان جي ٻارڙن کي تعليم ڏءي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

سچل سرمست انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ڪاليج ۾ شاگردن جو ڪاليج جي گيٽ اڳيان انتظاميا خلاف احتجاج، ڌرڻو، سخت نعريبازي

Read Next

راڻيپور پوليس جو گڏيجي ۾ ڇاپو هڪ جوابدار بنا لائسنس هٿيار سميت هٿ ڪيس داخل جيل حوالي

Most Popular