شهيد مخدوم بلاول پينل تعلقا دادو ۽ استاد دوست پينل ۾ 18 آڪٽوبر تي مقابلو ٿي گذريو

دادو(ڊ ر) شهيد مخدوم بلاول پينل تعلقا دادو ۽ استاد دوست پينل ۾ 18 آڪٽوبر تي مقابلو ٿي گذريو،خبر موجب پ ٽ الف تعلقا دادو اليڪشن ۾ شھيد مخدوم بلاول پينل  411 ووٽ کڻي ڪامياب ۽ استاد دوست پينل 402 ووٽ کڻي هارائي ويو، شھيد مخدوم بلاول پينل تعلقا پاران گورنمينٽ پرائمري بوائز مين اسڪول مان ريلي جي صورت ۾ دادو پريس ڪلب اڳيان دهل شرنائن سان جشن ملهايو، ان موقعي تي ڪامياب اميدوار شھيد مخدوم بلاول پينل تعلقا دادو منتخب صدر منصور ڪلھوڙو، سينئر نائب صدر عبدالوحيد پنھور، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري شمشاد علي جتوئي، ماليات سيڪريٽري عبدالڪريم ملاح ،پريس سيڪريٽري، اياز علي ٿيٻو، آفيس سيڪريٽري عرفان علي زئونر، نائب صدر فيميل زينب خاتون ڪلهوڙو ،شبانہ سومرو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پ ٽ الف اڳواڻن سرپرست اعلي عبدالرحمن پنھور  پرديپ ڪمار ۽ غلام مرتضي ملاح ريلي کي خطاب ڪندي چيو استادن جي جدوجهد جي ڪري حق پرست پينل سوڀارو ٿيو ۽ اسين وچن ٿا ڪيون ته استادن جي جائز حقن، تعليم جي تقدس ۽ اسڪولن جي مالڪي ۽ سهولتن لاءِ حقن جو آواز بلند ڪنداسين.

Read Previous

راڻيپور پوليس جو گڏيجي ۾ ڇاپو هڪ جوابدار بنا لائسنس هٿيار سميت هٿ ڪيس داخل جيل حوالي

Read Next

عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو صدارت هيٺ اجلاس

Most Popular