پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تان پابندي ختم ڪئي وئي

اسلام آباد:  پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) چيو آهي ته مشهور چيني موبائل ايپ ٽڪ ٽاڪ کي  پاڪستان ۾ بحال ڪيو ويو آهي. پي ٽي اي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ مينجمينٽ يقين ڏياريو آهي ته غير اخلاقي مواد پکيڙيندڙن جي اڪائونٽن کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ اڪائونٽس جي مقامي قانون موجب نگراني به ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽڪ  ٽاڪ انتظاميه غيراخلاقي مواد کي روڪڻ  لاءِ ميڪانزم ٺاهڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ۽ هنن يقين ڏياريو آهي ته غير اخلاقي مواد  جي لاڳيتو نگراني ۽ اهڙا اڪائونٽس معطل ڪرڻ جو مقامي نظام بنايو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) 9 آڪٽوبر تي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو اعلان ڪيو هو. پي ٽي اي جو چوڻ هو ته معاشري جي مختلف طبقن طرفان ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي ۽ غير مهذب مواد جي موجودگي جون شڪايتون ڪيون ويون هيون جنهن کان پوءِ ايپ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو هو.

Read Previous

باڪسر عامر خان پاڪستان جي سياست ۾ حصو وٺڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

Read Next

دفاع ۽ معيشت جي ڪمزوري سبب ڀارت طاقتور ملڪن جي لسٽ کان ٻاهر ٿي ويو

Most Popular