موٽر وي زيادتي ڪيس: متاثر عورت جوابدار عابد ملهي جي سڃاڻپ ڪري ورتي

لاهور:   موٽر وي زيادتي ڪيس جي متاثر عورت جوابدار عابد ملهي جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب لاهور جي ڪيمپ جيل ۾ عدالتي حڪم تحت موٽر وي زيادتي ڪيس جي جوابدار جي سڃاڻپ پريڊ ٿي جنهن ۾ متاثر عورت جوابدار عابد ملهي کي سڃاڻي ورتو آهي. پنجاب پوليس عابد ملهي جي گرفتاري 12 آڪٽوبر تي ظاهر ڪئي هئي. جوابدار کي سڃاڻپ پريڊ جي لاءِ جيل موڪليو ويو هو، واقعي ۾ ملوث ٻئي جوابدار شفقت علي جي سڃاڻپ ان کان اڳ ئي ٿي چڪي هئي. ٻنهي جوابدارن ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي.  ياد رهي ته 9 سيپٽمبر تي لاهور جي علائقي گجرپوره ۾ موٽر وي تي عورت کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بنائڻ جو واقعو پيش آيو هو. جوابدارن عورت کان هڪ لک روڪ، 2 تولن جا زيور، هڪ عدد برسليٽ، گاڏي جو رجسٽريشن ڪارڊ ۽ 3 اي ٽي ايم ڪارڊ کڻي فرار ٿي ويا هئا.  هڪ جوابدار کي واقعي جي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ گرفتارڪيو ويو هو. پر ٻيو جوابدار عابد ملهي مفرور هو جنهن کي 12 آڪٽوبر تي گرفتار ڪيو ويو هو.

Read Previous

بلاول ڀٽو زرداري سنڌ پوليس سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آءِ جي هائوس پهچي ويو

Read Next

ايف اي ٽي ايف جو اجلاس اڄ ٿيندو، مني لانڊرنگ روڪڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو

Most Popular