بلاول ڀٽو زرداري سنڌ پوليس سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آءِ جي هائوس پهچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ پوليس سان ٻڌي جي اظهار لاءِ انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) هائوس جو دورو ڪيو.بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ پوليس جي اعليٰ آفيسرن ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سڌُ سماءَ وارو وزير ناصر حسين شاهه به ساڻس گڏ هئا.بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سنڌ پوليس سان بيٺو آهيان ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيان ٿو.هن هيش ٽيگ #Westandwithsindhpolice استعمال ڪيو ۽ عوام کان به ان حوالي سان راءِ پڇي.

Read Previous

25 آڪٽوبر تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو هڻنداسين :جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي

Read Next

موٽر وي زيادتي ڪيس: متاثر عورت جوابدار عابد ملهي جي سڃاڻپ ڪري ورتي

Most Popular