ڪراچي واقعي جي رپورٽ عوام جي سامهون اچڻ گهرجي:مريم نواز

مريم نواز

لاهور:مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پيش ايندڙ واقعي جي رپورٽ عوام جي سامهون اچڻ گهرجي. لاهور ۾ ڌرڻي تي ويٺل بلوچ شاگردن سان ملاقات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته شاگرد پاڪستان جو مستقبل آهن پر ڊي جي خان، راجن پور، فاٽا ۽ بلوچستان جا ٻار رستن تي رلن پيا، انهن جون 600 سيٽون واپس ورتيون ويون آهن. هن جو چوڻ هو ته هو چون ٿا پنجاب وڏو ڀاءُ آهي پر آئون چوان ٿي بلوچستان وڏو ڀاءُ آهي. هن مطالبو ڪيو ته شاگردن جي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي، ٻار تعليم جو حق گهري رهيا آهن ۽ ڪنهن به انهن سان ملاقات نه ڪئي آهي، آئون سڀاڻي ڪوئٽا وڃي رهي آهيان، اتي به شاگردن جو مسئلو اٿارينديس. نائب صدر جو چوڻ هو ته شهبازشريف کي ڪرپشن جي ڪري جيل نه موڪليو ويو آهي پر ان کي ڀاءُ سان نه وڙهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. ڪراچي واقعي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪراچي واقعي تي انڪوائري جي ڪا ضرورت ناهي، سڀ ڪجهه سامهون آهي، ڪراچي واقعي جي رپورٽ عوام سامهون آڻڻ گهرجي، ۽ گواهي لاءِ مونکي گهرايو ويو ته آئون ضرور وينديس.

Read Previous

ڪوئٽيا، ڪراچي روڊ تي مسافر ڪوچ کي باهه لڳي وئي، پنج ڄڻا اجل جو شڪار

Read Next

جهاز ۾ دهشت گرد موجود آهي : مسافر

Most Popular