سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني آرڊيننس ذريعي وفاق پاران قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني آرڊيننس ذريعي وفاق پاران قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي سڏ تي جيئي سنڌ محاذ، پ پ پ شھيد ڀٽو، عوامي ورڪر پارٽي، عوامي جھموري پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ قربان پھنور، منظور احمد جلباڻي، ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي، فيض ڪيريو، ڄام انڙ، پير شھاب الدين، شاھڪار ملاح، لالو انور ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق پاران غير قانوني ۽ غير آئيني آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي حق تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ھنن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ واري عمل ۾ وفاق سان برابر جي شريڪ آهي، ھنن چيو ته سنڌ ڪنھن جي ذاتي جاگير ناهي جو ان جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضا ڪيا وڃن، ھنن چيو ته جيستائين ھڪ سنڌي زندھه آھي تيستائين ڪير به سنڌ جي ملڪيتن تي قبضو نٿو ڪري سگهي، ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

پورهيت خان محمد ڌاريجو جي زال مسمات حسنا پنهنجي مڙس ء ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب قاضي احمد ۾ احتجاج

Read Next

تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ الياس ٻرڙو جي رھواسي مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ زخمي

Most Popular