ميڪرون جي بيان کانپوءِ اسٽار فٽبالر فرانس جي نمائندگي کان انڪار ڪري ڇڏيو

پيرس: فرانسيسي صدر پاران اسلام مخالف بيان کانپوءِ اسٽار فٽبالر پال پوگبا فرانس جي نمائندگي ڪرڻ کان انڪاري ٿي پيو. پرڏيهي خابرو ڪيترن ئي ادارن جي رپورٽس موجب مانچسٽر يونائيٽڊ جي اسٽار فٽبالر پال پوگبا پاران انٽرنيشنل سطح تي فرانس جي نمائندگي نه ڪرڻ جو فيصلو فرانسيسي صدر ميڪرون طرفان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ گستاخي ۽ گستاخي وارن خاڪن جي سرپرستيءَ وارن بيان کانپوءِ ڪيو. هڪ عرب ويب سائٽ تي شايع رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پال پوگبا هي فيصلو صدر ميڪرون طرفان شاگردن کي گستاخيءَ وارا خاڪا ڏيکارڻ تي هڪ مسلمان شخص جي هٿان قتل ٿيل استاد کي فرانس جو سڀ کان وڏو اعزاز ملڻ بعد ڪيو. ياد رهي ته فرينچ فٽبال ايسوسيئيشن ۽ پال پوگبا طرفان ان حوالي سان هن وقت تائين ڪنهن قسم جو ڪو بيان سامهون نه آيو آهي.

Read Previous

پاڪستان افغانستان جي هر حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي: وزيراعظم

Read Next

فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا: منشا پاشا

Most Popular