قاضي احمد : قائم جتوئي جي نياڻي آصف جتوئي جي شادي ء جي تقريب ۾ جي راڳ جي محفل ۾ مبينا فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو فوت

قاضي احمد (رپورٽ علي نواز)  قاضي احمد شھر جي سردار ڪالوني ۾ قائم جتوئي جي نياڻي آصف جتوئي جي شادي ء جي تقريب ۾ رات دير سان راڳ جي محفل ۾ مبينا فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو دادو واسي عبدالحمير وگهيو گولي لڳڻ ڪري موقعي تي فوت ڀان سعيد آباد واسي علي شير برھماڻي ۽ گهوٽ جو ڀاءُ غلام رسول جتوئي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو قاضي احمد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش قاضي احمد پوليس کڻائي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو ماڻهو مارجڻ بعد ڀت ڌڻي ۽ راڳ ٻنڌندڙ فرار ٿي ويا اطلاع فوتي جو لاش ڇني ۾ اندر ڪرسين تي پيل ھو جڏھن ته ۽ واقعي واري ھنڌ وڏي مقدار ۾ وسڪي شراب جون بوتلون پيل ھيون جڏهن ته فوتي جو لاش اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاء فوتي جو لاش مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي واقعي جي اڃا تائين ايف آئي داخل ن ٿي سگهي فوتي جي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ت اسان جي ڪنهن سان به ڪابه دشمني ناهي اسان جو ھمراھ بيگناھ قتل ٿي ويو ان جي اسان مڪمل تصديق ڪري پوء ايف آئي آر داخل ڪرائينداسين ـ

Read Previous

شھيد صحافي عزيز ميمڻ قتل جو ماسٽر مائينڊ گرفتار نه خلاف کان ريلي ڪڍي ايس ايس پي نوشهروفيروز آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو

Read Next

پاڪستان ۾ ڊسمبر ٻه هزار ايڪيهه تائين فائيو جي انٽرنيٽ سروس شروع ٿيڻ جو امڪان

Most Popular