گستاخ خاڪن ۽ فرانسيسي صدر جي اسلام مخالف بيان تي مسلم دنيا سراپا احتجاج بڻيل

تهران:   فرانس ۾ گستاخ خاڪن ۽ صدر ايمانوئيل ميڪرون جي اسلام مخالف بيان تي  مسلمان ملڪن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل اهي. ترڪ صدر فرانسيسي مصنوعات جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب سختي مذمتي بيان جاري ڪيو، ايران فرانسيسي سفير کي طلب ڪري ورتو. جڏهن ته عرب ملڪن ۾ بائيڪاٽ جي مهم شروع ٿي وئي آهي. جڏهن ته عراق،  تيونس ۽ فلسطين ۾ به احتجاجي مظاهرا جاري آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سعودي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اظهار جي آزادي ۾ ٻين جي ثقافت جو احترام  ۽ رواداري جو خيال رکڻ ضروري آهي ۽ اهڙن قدمن کي رد ڪرڻ گهرجي جنهن سان نفرت، تشدد ۽ انتها پسندي جنم وٺي. ترڪ صدر طيب اردگان مسلمانن کان فرانسي مصنوعات جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته فرانسيسي صدر کي پنهنجو دماغي معائنو ڪرڻ جي ضرورت اهي. اظهار جي آزادي جي نالي تي  مشهور شخصيتن جي گستاخي برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان  علاوه ايران فرانسيسي سفير کي طلب ڪندي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو جڏهن ته پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف چيو آهي ته فرانسيسي صدر انتهاپسندي کي هوا ڏئي رهيو آهي. اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ سڄي دنيا جي مسلمانن جي توهين ڪئي وئي آهي جنهن سان هر مسلمان جي دل آزاري ٿي آهي.  هوڏانهن عراق ۾ به فرانسيسي سفارتخاني جي آفيس ٻاهران مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن فرانسيسي صدر کي تڪراري بيان تي مسلمانن کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو. تيونس ۾ به فرانسيسي صدر جي بيان تي احتجاجي مظاهرو ٿيو.  ٻئي طرف عرب ملڪن ۾ فرانسي مصنوعات جي بائيڪاٽ واري مهم زور وٺي وئي آهي ڪويت کان پوءِ قطر، بحرين، متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب ۾ فرانسيسي شين جي بائيڪات واري مهم جاري آهي. ڪويت، الجزائر ۽ فلسطين سميت ڪيترن ئي ملڪن جون مارڪيٽون ۽ سپر اسٽورن تان به فرانسيسي شيون هٽايون ويون آهن.

Read Previous

آسٽريلوي بالر مچل جانسن رٽائرمينٽ کان پوءِ ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف

Read Next

شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي درخواست رد

Most Popular