خيرپور ڀرسان ڳوٺ لانگاهه جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي ٽنڊومستي جي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ)  خيرپور ڀرسان ڳوٺ لانگاهه جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي ٽنڊومستي جي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ خلاف احتجاجي مظاهرو. خبر موجب خيرپور ڀرسان ڳوٺ لانگاهه جي رهواسين عاشق حسين، لعل بخش، وحيد، بالم، مسمات خانزادي، مسمات خيران، قزبانو، مسمات ميهر خاتون ۽ ٻين پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته پنج مهينا اڳ ٽنڊومستي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڀٽو ۽ اي ايس آءِ علي نواز چانڊيو، غلام عباس مهر، حسين بخش ڪانڌڙو اسان جي برادري جي چڱي مڙس علي ڏنو لانگاهه کي بيگناهه ٽريڪٽر ڦر جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري کنڀي سخت تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ٽنڊومستي پوليس هن وقت تائين ڪيس به داخل نٿي ڪري ۽ نه جوابدارن کي گرفتار ڪري رهي آهي. هنن اعليٰ عدالتن، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

ڪشميرين سان يڪجھتي طور ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ظفر عباس عباسي جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي وئي

Read Next

رحيم شاھ کي ڪراچي پوليس ويل چيئر تي ويهاري عدالت ۾ پيش ڪيو

Most Popular