شهيد ڪرم الله چانڊيو، شهيد مختيار چانڊيو ۽ شهيد قابل چانڊيو جي قتل واقعي جي وارثن ام رباب چانڊيو

ميهڙرپورٽر(ميربابا) آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ميهڙ جي تمندار هائوس پهچي 33 مهينا اڳ قتل ٿي ويل شهيد ڪرم الله چانڊيو، شهيد مختيار چانڊيو ۽ شهيد قابل چانڊيو جي قتل واقعي جي وارثن ام رباب چانڊيو، تمندار صدا حسين چانڊيو، رئيس پرويز چانڊيو ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي تعزيت ڪئي ۽ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ام رباب چانڊيو سان ملاقات دوران چيو ته مون کي واقعي جو افسوس آهي ۽ 3 سال واقعي کي گذرڻ باوجود پوليس قتل واقعي جا مک جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي. اسان جلد قاتلن کي گرفتار ڪنداسين. آء جي سنڌ ام رباب چانڊيو کي سنڌ جي نياڻي ۽ پنهنجي نياڻي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان توهان کي ضرور انصاف ڏيارينداسين ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين. آءِ.جي سنڌ سان گڏ ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس.ايس.پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ پڻ گڏ هئا. جڏهن ته آءِ جي سنڌ صحافين کي بريفنگ ڏيڻ بنا روانو ٿي ويو. جنهن بعد ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جو به سنڌ پوليس تي پريشر آهي. هن چيو ته آءِ جي سنڌ چيو ته مان شرمسار آهيان پوليس اڃان تائين جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي . هن چيو ته اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته مان مطمئن عدالتن مان آهيان. هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته هن واقعي جي پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن. اسان ڪورٽ ۾ اهو ثابت ڪنداسين.

Read Previous

خيرپور : ڳوٺ کوسا موچي جي رهواسين جو ٽنڊومستي پوليس پاران نوجوان کي کنڀڻ خلاف احتجاج

Read Next

پاڪستان مسلم ليڳ نواز,جي اعلي قيادت ڪنوينشن الوحید ھال سانگهڙ ۾ متحده استقبال ڪيو ويو

Most Popular