سنڌ مان جبري طور گم ٿيل جي آزادي لاءِ 31 آڪٽوبر ڌر ڌرڻو لاءِ سنڌ جو ناميارو اديب تاج جو مختلف سياسي سماجي ڌرين سان رابطو

نوشهروفيروز(ڊ ر)سنڌ مان جبري طور گم ٿيل قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ 31 آڪٽوبر تي مورو باءِ پاس کان پريس ڪلب تائين رٿيل احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جو ناميارو اديب تاج جويو نوشهروفيروز پهچي مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صحافين ۽ بار ڪائونسل جي وڪيلن سان ملاقات ڪري مظاهري ۾ شرڪت جي دعوت ڏني گڏجاڻين ۾ مورو ۽ نوشهروفيروز بار ايسوسيئيشن جي ميمبرن ۽ پريس ڪلب جي قلم ڌڻين نه رڳو آجيان ڪئي پر احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو يقين پڻ ڏياريو. ان موقعي تي نامياري اديب تاج جويي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مان سوين قومي سياسي ڪارڪن، شاگرد، صحافي، وڪيل ۽ استاد کنڀيا ويا آهن انهن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهن مٿن ڪو الزام آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي عزيزالله ٻوهيو، شاهه لطيف مورائي، اسد سولنگي، گل مورو ۽ ٻيا پڻ موجود هيا.

Read Previous

مٽياري جي ڪوثر بيبي مسجد ۾ ميلاد مصطفا ﷺ جي شاندار محفل منعقد ڪئي وئي

Read Next

مٽياري ضلعي جي اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان پاران روڊ حادثي ۾ شھيد ٿي ويل جي وارثن وٽ تڏي تي پھچي تعزيت

Most Popular