مٽياري جي ڪوثر بيبي مسجد ۾ ميلاد مصطفا ﷺ جي شاندار محفل منعقد ڪئي وئي

مٽياري    :  مٽياري جي ڪوثر بيبي مسجد ۾ ميلاد مصطفا ﷺ جي شاندار محفل منعقد ڪئي وئي محفل سرڪار جي آمد مرحبا، سھڻي جي آمد مرحبا جي نارن جي ھر طرف گونج  محفل ۾ ويٺل عاشقان رسول ﷺ جھومندا رھيا ،محفل ۾ پير علي شير سرھندي سميت حيدرآباد کان آيل دعوت اسلامي جي عالم سڳوري خطاب ڪندي حضور اڪرم ﷺ جو شان بيان ڪندي چيو ته رب پاڪ پنهنجي محبوب حضور اڪرم ﷺ کي پوري عالم دين لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي اسان کي دنيا جي سڀني خوشين کان وڌيڪ پنهنجي محبوب حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي ٿيندي آهي جنھن ۾ اسان سڀ عاشقان رسول ﷺ جھومندا رھندا آھيون، ان کان علاوه حيدرآباد کان آيل دعوت اسلامي ۽ مٽياري جي مقامي نعت خوانن حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪندي محفل ۾ ويٺل عاشقان رسول ﷺ جي دلين کي منور ڪري ڇڏيو، محفل ۾ نويد حيدر ملاح، حافظ پنيل ساند،حسنين ساند ، دائود ملاح، انور اقبال ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار ميمڻ، حافظ آصف سمت دعوت اسلامي جي ساٿين سميت سوين عاشقان رسول ﷺ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،،

Read Previous

مٽياري جي عدالت جهيڙي جي ڪيس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي پريس ترجمان سميت 17 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو

Read Next

سنڌ مان جبري طور گم ٿيل جي آزادي لاءِ 31 آڪٽوبر ڌر ڌرڻو لاءِ سنڌ جو ناميارو اديب تاج جو مختلف سياسي سماجي ڌرين سان رابطو

Most Popular