سکرجي گرم گودي واري علائقي واسي نوجوان عبدالحفيظ پنھوار ننڍي ڀاء عبدالمجيب پنھوارسان گڏ سکرپريس ڪلب اڳيان بااثر نظام پنھوار ۽ ٻين جي زيادتين خلاف احتجاج

سکر( رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)سکرجي گرم گودي واري علائقي واسي نوجوان عبدالحفيظ پنھوار ننڍي ڀاء عبدالمجيب پنھوارسان گڏ سکرپريس ڪلب اڳيان بااثر نظام پنھوار ۽ ٻين جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته عصمه خاتون ۽ آمنه خاتون کي رستم واسي نظام پنھوار ۔ عبدالصمد ۽ ڄام پنھوار رستم لڳ ڳوٺ عظيم پنھوار گهمائڻ جي موڪل  وٺي ويا ھئا جن مان آمنه خاتون زال عبدالمجيب  پنھوار کي برادري جي اڪبر پنھوار سان ڪوڙو ڪارنھن الزام لڳايوآھي ۽ عصمه خاتون زال عبدالحفيظ پنھوار کي پنھنجي ڀاء پوليس اھلڪار ڄام پنھوار غائب ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جو ڪيس به  اسان مٿان سکر ۽ شڪارپور ۾ ٿاڻن تي داخل ڪرائي جوابدار نظام پنھوار  عبدالصمد پنھوار ۽ ڄام پنھوار اسان کي بليڪ ميل ڪري اسان جي ڀينرن جو سڱ زبردستي حاصل ڪرڻ لاء ڌمڪائن پيا جنهن سبب اسان سميت  گهر وارين ۔ڀينرن جي حياتن کي خطرو آهي هنن جو چوڻ ھو ته اسان کان بدلي ورتل نياڻي جو مڱيندو  فوت ٿي چڪو آھي 7 سالا صفيا 8 سالا افسان جي زبردستي شادي ڪرائڻ لاءِ زور ڀرن پيا ۔جڏهن ته  اسڪول پڙھندڙ معصوم نياڻين جا رستا روڪي اغوا ڪرڻ جون به  ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ نياڻين کي اسڪول وڃڻ دوران  تنگ ڪيو پيو وڃي ھنن انساني حقن جي تنظيمن ھيو مين رائٽس ء ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪوڙن ڪيسن کان ۽ نياڻين کي زبردستي شادي ڪرائڻ کان بچايو وڃي

Read Previous

مٽياري ضلعي جي اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان پاران روڊ حادثي ۾ شھيد ٿي ويل جي وارثن وٽ تڏي تي پھچي تعزيت

Read Next

هندو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيندڙ نوجوان محمد عثمان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular