گلگت جي عوام کي سهوليتون ڏيڻ پ پ جي منشور جو حصو آهي: بلاول ڀٽو

گلگت:   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام کي صرف پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي حق ملندا آهن. پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي علائقي غزر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گلگت جون چونڊون کٽي هتي جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين ڇو ته گلگت جي عوام کي سهوليتون  ڏيڻ پ پ جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته اوهان سڀني کي گلگت بلتستان جي آزادي مبارڪ هجي پر هي آزادي گلگت بلتستان جي عوام پاڻ پنهنجو پاڻ کان ڦري آهي.  گلگت بلتستان جي عوام کي صرف پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي حق ملندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان گلگت بلتستان جي  عوام کي روزگار فراهم ڪنداسين جنهن پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ اسان ئي شهيد ڀٽو جي مشن کي اڳيان وڌائينداسين. ڀٽو اوهان کي ظلمن کان آزادي ڏياري ۽ اوهان کي آواز ڏني. وزيراعظم تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته سي پيڪ تي ڪم ڪنداسين پر ڪوبه ڪم ناهي ڪيو ويو.  هن عوام کان سوال ڪندي پڇيو ته ڇا انڪم سپورٽ پروگرام مان بي بي جي تصوير هٽائي شهيد راڻي کي اوهان جي دل مان ڪڍي سگهجي ٿو.؟  پ پ چيئرمين چيو ته شهيد ڀٽو ڪڻڪ، کنڊ ۽ لوڻ تي سبسڊي جو بندوبست ڪيو ۽ هن ئي ايف سي آر جو خاتمو ڪيو هو. پيپلز پارٽي غربت ۽ بيروزگاري مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته بينظير ڀٽو عوام کي جمهوري ۽ سياسي آزادي ڏني ۽ پيپلز پارٽي ئي گلگت بلتستان اسيمبلي ٺاهي. وزيراعليٰ ڏنو.

Read Previous

وزيراعظم هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، گلگت جي عوام کي نئون صوبو مبارڪ هجي: فواد چوڌري

Read Next

هارائڻ جو خوف: صدر ٽرمپ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

Most Popular