ترڪي ۾ زلزلو: فوتين جو انگ وڌي ايڪاسي ٿي ويو

ترڪي:  )   ترڪي ۾ آيل خطرناڪ زلزلي سبب فوتين جو انگ 81 ٿي ويو آهي جڏهن ته ملبي مان هڪ معصوم ٻارڙي کي ٽن ڏينهن کان پوءِ زنده ڪڍيو ويو آهي.  ريسڪيو اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ٻارڙي کي تقريبن 65 ڪلاڪ تائين ملبي ۾ دٻيل رهڻ کان پوءِ زنده ڪڍيو ويو آهي پر ٻارڙي سان گڏ سندس والده ۽ هڪ ٻئي ٻار کي مئل حالت ۾ ڪڍيو ويو. ريسڪيو اختيارين موجب زلزلي ۾ هينئر تائين ٽوٽل 81 فوتگين جي تصديق ٿي چڪي آهي جن مان صرف 79 فوتگيون ازمير شهر ۾ ٿيون ۽ 2 لاش ساموس ٻيٽ مان ڪڍيا ويا آهن.  ريسڪيو اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته شهر ۾ جمعي تي ايندڙ زلزلي کان پوءِ امدادي ڪارروايون لاڳيتو جاري آهن جڏهن ته هي زلزلو ترڪي ۾ تقريبن ڏهاڪي دوران ايندڙ سڀن کان وڌيڪ خطرناڪ زلزلو آهي.  ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي ۾ تقريبن 950 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن ۽ بي گهر ٿيندڙن کي 3500 کان وڌيڪ خيمن ۾ ترسايو ويو آهي. اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ 700 کان وڌيڪ ماڻهن کي طبي امداد کان پوءِ فارغ ڪيو ويو آهي.

Read Previous

موٽر وي ڪيس: مُک جوابدار عابد ملهي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

Read Next

فلمن ۾ ڪم لاءِ جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو شرط رکيو ويو: فاطمه ثنا شيخ

Most Popular